حڪومت جو عوام لاءِ نئين سال جو تحفو، مهانگائي بم تيار، تيل اگهه وڌائڻ جي سفارش

اسلام آباد (م.ڊ) نئين سال جي آمد جي موقعي تي عوام کي مهانگائيءَ بم جو تحفو ڏيڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب اوگرا پئٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ لاءِ سمري پيٽروليم وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب اوگرا طرفان پيٽرول 2 رُپيا 61 پئسا وڌائڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول 116 رُپيا 60 پئسا في لٽر ٿي ويندو. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 2 رُپيا 25 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 2 رُپيا 8 پئسا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 127 رُپيا 45 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 84 رپيا 51 پئسا في لٽر ٿي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا جي سمري ۾ گاسليٽ 3 رُپيا 10 پئسا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن بعد گاسليٽ 99 رُپيا 45 پئسا في لٽر ٿي ويندو. پيٽروليم وزارت جي حتمي منظوري کانپوءِ اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو ۽ نيئن سال جي آمد يعني پهرين جنوري کان پيٽروليم شيون مهانگيون ٿي وينديون.

آءِ ايم ايف توانائي جي قيمتن ۾ ايندڙ سال واڌ ٿيڻ جو اشارو ڏيندي چيو آھي ته پاڪستان جي سڌارن وارو پروگرام درست رخ تي هلي رهيو آھي، ناڻي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته پاڪستان جي معاشي ڪارڪرگي بابت آءِ ايم ايف جي پهرين جائزي وٺڻ بعد آءِ ايم ايف تسليم ڪيو آھي ته پاڪستان ۾ سڌارن جو پروگرام درست رخ ۾ هلڻ سان گڏ ان جا نتيجا به حاصل ٿي رهيا آھن. پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ ماحول ۾ بهتري ۽ سرمائيڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آھي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي آھي. پڌرائي موجب آءِ ايم ايف کان مجموعي طور تي هڪ ارب 45 ڪروڙ ڊالرن جي رقم جاري ٿي آھي. پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته آءِ ايم ايف ايندڙ سال ۾ مهانگائي جي شرح 11.8 سيڪڙو تي اچڻ، توانائي شعبي ۾ قيمتن اندر ايڊجسمينٽ (واڌ) متوقع آھي جنهن سان گهريلو صارف متاثر ٿي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *