ماڻهن جي خواهشن جي تابع ناهيون، انصاف جي فراهمي تائين ڪيس ٻڌندا رهنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ)سپريم ڪورٽ پانامه ليڪس جي معاملي تي درخواستن جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم جي وڪيل کي ملڪيت جا تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ سومر تائين مهلت ڏيندي پراسيڪيوٽر جنرل نيب کان حديبيه پيپر مل ريفرنس ۾ اسحاق ڊار جي اعترافي بيان موجب رڪارڊ طلب ڪري ورتو جڏهن ته وفاقي ناڻي واري وزير جي وڪيل شاهد حامد دليل ڏيندي چيو ته ان جي مئوڪل مخالفن پاران ثبوت قرار ڏنل اعترافي بيان جي ترديد ڪري ٿو جمعي تي جسٽس آصف سعيد کوسي جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي جي شروعات ڪئي ته وزيراعظم جي وڪيل مخدوم علي خان عدالت کان ملڪيت ۽ تحفن جي ورڇ بابت تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ سومر تائين وقت گهري ورتو جسٽس آصف سعيد کوسي مخدوم علي خان پاران وقت گهرڻ تي اعتراض ڪندي چيو ته ٽي وي چينلن تي رپورٽون نشر ٿين ٿيون ته توهان سمورا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا آهن. ان لاءِ توهان کي هدايت ڏني ويئي هئي ته جيڪي تفصيل اسان وٽ موجود نه آهن اهي جمع ڪرايو. جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته منهنجي مئوڪل جو چوڻ آهي ته تفصيل جمع ڪرائينداسين جڏهن ته ان لاءِ ڪجهه وقت گهرجي جنهن تي عدالت وزيراعظم جي وڪيل کي ملڪيت جا تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ سومر تائين مهلت ڏيئي ڇڏي. عدالت اڳيان اسحاق ڊار جي وڪيل پنهنجا دليل ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته الزام هنيو وڃي ٿو ته ان جي مئوڪل اسحاق ڊار 25 اپريل 2000 تي مئجسٽريٽ اڳيان اعترافي بيان ڏنو ۽ 14.866 ملين ڊالر جي مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو ۽ اهي الزام به سامهون آيا آهن ته سڪندر مسعود قاضي ۽ طلعت مسعود قاضي جي نالي سان وزيراعظم جي ڀاءُ لاءِ اڪائونٽ کولرايا هئا عدالت شاهد حامد کان پڇا ڪئي ته ڇا اسحاق ڊار پنهنجي بيان جو انڪاري آهي جنهن تي شاهد حامد چيو ته اسحاق ڊار پنهنجي بيان جي مڪمل ترديد ڪري ٿو ان موجب فوجي بغاوت کان پوءِ پهريان ان کي گهر ۾ نظربند رکيو ويو ۽ تعاون ڪرڻ تي حڪومت ۾ شموليت جي پيشڪش ڪئي ويئي جڏهن ته هڪ پهريان کان لکيل بيان تي زوري صحيحون به ڪرايون ويون اسحاق ڊار جي وڪيل چيو ته ان بيان کان پوءِ اسحاق ڊار کي ٻيهر حراست ۾ ورتو ويو جڏهن ته 2001 تائين ان کي فوج جي تحويل ۾ رکيو ويو شاهد حامد موجب ان جي مئوڪل آزادي کان پوءِ تفصيلي انٽرويو ۾ پنهنجي بيان جي ترديد ڪئي هئي جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن بيان رڪارڊ ڪرڻ وارو مئجسٽريٽ ان بيان جي تصديق نٿو ڪري ته ان جي حيثيت ڪاغذ جي ٽڪري کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي جڏهن ته اسحاق ڊار جو اعترافي بيان عدالت پهريان ئي رد ڪري چڪي آهي شاهد حامد عدالت کي ٻڌايو ته 15 آڪٽوبر 1999 تي اسحاق ڊار کي حراست ۾ ورتو ويو هو جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو آهي ته عدالت رٽ پٽيشن ۾ اهڙو فيصلو ڪيئن ڏيئي سگهي ٿي شاهد حامد اسحاق خان جي بيان کي صرف ڪاغذ جو ٽڪر قرار ڏنو جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته اهو ڪاغذ جو ٽڪرو نه آهي پر شاهدين جو حصو آهي جنهن تي ڪڏهن به ڪارروائي نه ٿي هئي. جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته اسحاق ڊار جي خلاف ڪيس ۾ ٻن ججن انٽراڪورٽ اپيل ٻڌي ۽ 5 جج ان اپيل جي ٻڌڻي ڪن ٿا وڪيل چيو ته 1992 جي تحفظ جي قانون تحت هڪ الزام ۾ آزاد ٿيڻ تي ٻيهر ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي. جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته جڏهن تحفظ جو قانون ٺهيو ته نوازشريف وزيراعظم ۽ اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير هو وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ان دور ۾ اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير نه هو ۽ نه ئي قومي اسيمبلي جو ميمبر هو اعجاز افضل چيو ته اسحاق ڊار مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب جي چيئرمين کي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ گهرجي ها جيڪڏهن نيب جو چيئرمين اپيل تي سپريم ڪورٽ اچي ها ته اسان ٻيهر جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيون ها. جسٽس اعجاز افضل چيو ته شريف فئملي جي خلاف 1994 جي ايف آءِ آر ۽ 2000 جي ايف آءِ آر ۾ ڪوبه تعلق نه آهي ۽ اسحاق ڊار جي اعترافي بيان جو شريف فئملي جي مالي ڏوهن سان به ڪوئي تعلق نه آهي جج وڪيل کان سوال ڪيو ته ان قانون مطابق پرڏيهي اڪائونٽس تي به تحفظ حاصل هو جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته اهو تحفظ صرف ملڪ ۾ اڪائونٽس کي حاصل هو جنهن تي جج چيو ته ريفارمز مان پاڪستان ۾ فارين ڪرنسي اڪائونٽس کي تحفظ ڏنو ويو آهي جج وڪيل کي ٻڌايو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري چيو هو ته بيان حلفي ڪيس ۾ نيب اپيل نه ڪئي آهي جج اسحاق ڊار جي وڪيل کان پڇيو ته اسحاق ڊار کي بيان کان اڳ واعدو معافي گواهه بڻايو ويو هو يا بعد ۾ وڪيل ٻڌايو ته اسحاق ڊار کي اعترافي بيان ڏيڻ کان اڳ واعدا معاف گواهه بڻايو ويو هو. جسٽس آصف سعيد کوسي پڇا ڪئي ته ڇا اسحاق ڊار کي معافي ڏني ويئي هئي ڇو ته جيڪڏهن ان کي معافي نه ڏني ويئي هئي ته اهو هڪ جوابدار جو بيان آهي ۽ واعده معافي گواه کي معافي فراهم ڪرڻ کان پوءِ ان جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو آهي عدالت چيو ته اهڙي طرح جي معاملي ۾ جوابدار کي معافي جي پيش ڪش ڪئي ويندي آهي ۽ معافي قبول ڪرڻ کان پوءِ اهڙو بيان ڏيئي سگهجي ٿو عدالت ان معاملي کي اهم قرار ڏيندي پراسيڪيوٽر جنرل نيب کان حديبيه پيپرز ملز ريفرنس ۾ اسحاق خان جي اعترافي بيان بابت رڪارڊ طلب ڪري ورتو. جج چيو ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب اهو ٻڌايو ته نيب جي سيڪشن 26 اي جي تحت ٻن طرح جي معافي هوندي آهي اها معافي يا ته شرطن تي هوندي آهي يا بنا شرطن جي عدالت پراسيڪيوٽر جنرل نيب کان پڇا ڪئي ته ڇا هو عدالت کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪندو. ته اسحاق ڊار جو بيان معافي ڏيڻ کان پوءِ رڪارڊ ڪيو ويو يا پهريان وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اعترافي بيان واجود ان جي مئوڪل کي آڪٽوبر 1999 کان 2000 تائين 17 مهينا حراست هيٺ رکيو ويو. آصف سعيد کوسي چيو ته معافي ملڻ کانپ وءِ اسحاق ڊار جوابدار نه رهيو هو ان ڪري ان جو اعترافي بيان بطور ڏوهاري قرار نٿو ڏيئي سگهجي جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *