آرمي چيف مردم شماري ۾ امن و امان جي پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(م.ڊ) آرمي چيف مردم شماري ۾ امن و امان جي پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي، آئي ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملڪ ۾ ٿيندڙ مردم شماري ۾ امن امان جي پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پاڪ فوج جا 2 لک جوان مردم شماري ۽ آدم شماري ۾ ٽيمن سان گڏ فرض انجام ڏيندا جنهن جي جنرل قمر جاويد باجوه منظوري ڏئي ڇڏي آهي، واضح رهي ته پاڪستان ۾ آخري ڀيرو آدم شماري ۽ مردم شماري 1998 م ڪئي وئي هئي، ڊگهي وقت بعد سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺندي حڪومت کي آدمشماري جو حڪم ڏنو، هڪ محتاط اندازي موجب پاڪستان جي آبادي هن وقت 20 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي، مردم شماري جي شروعات 15 مارچ 2017 کان ڪي ويندي، جيڪا مرحليوار هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *