پل ٺهڻ سان پئسا وٺي هيوي ٽريفڪ ڇڏيندڙن کي تڪليف ضرور ٿيندي: وڏو وزير

سجاول(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه تي نئين اڏاوت ڪل پُل ٺٽو ۽ سجاول ضلعن کي ٻيهر گڏ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان پل جي وسيلي ڪراچي پورٽ کان ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي مان هلندڙ پاور پلانٽس لڳائڻ لاءِ ڳري مشينري جي چرپر ۾ به آساني ٿيندي. هن اها ڳالهه اڄ سنڌو درياهه تي نئين اڏاوت ڪيل ٺٽي-سجاول پل جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پراڻو ٺٽو-سجاول پل اٽڪل 50 کان 54 ورهيا اڳ اڏيو ويو هو ۽ ان ۾ ڏار پئجي ويا هئا انڪري انتظاميا کي پراڻي پل تان هيوي ٽريفڪ جي روانيءَ جي حوالي سان ڏکيائين منهن ڏئي رهي هئي ۽ سڀ کان وڏو مسئلو ٿر ۾ ڪوئلي مان هلندڙ پاور پلانٽ جي ڳري مشنري جي چُرپُر جو هو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جون ترقياتي رٿائون به ان پل جي ڪري متاثر ٿي رهيون هيون. وڏي وزير چيو ته نئين پل جي هنگامي ضرورتن کي سامهون رکندي سندس حڪومت سنڌو درياهه تي پنهنجي وسيلن تحت نئين پل جي اڏاوت جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته اهو سنڌو درياهه تي پهريون پل آهي جنهن جي اڏاوت ڪنهن صوبائي حڪومت پنهنجي وسيلن مان ڪئي آهي نه ته اهو ڪم وفاقي حڪومت جو آهي. وڏي وزير چيو ته اهو پل 19 مهينن جي عرصي ۾ 2.9 بلين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيو آهي. وڏي وزير ٿرڪول اٿارٽي جيڪا پل جي ايگزيڪيوٽنگ ايجنسي آهي جي ڪارڪردگيءَ جي ساراهه ڪندي چيو ته لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن تعريفي خطن ڏنا ويندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن پل سان ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي انتظاميا جيڪا ويجهڙائي واري عرصي ۾ ورهائي وئي آهي کي ملائيندو. هن چيو ته ٻنهي ضلعن جي ماڻهن ۽ نمائندن ٺٽي ۽ سجاول جي انتظامي ڊويزن جي حمايت ڪندا، نه ته مان انهن کي ٻيهر هڪ ڪري ڇڏيندس جيئن هن پل جي ذريعي اهي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن، هن اها ڳالهه خوشگورا موڊ ۾ ڪئي. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته ڪجهه ماڻهو ان نئين اڏاوت ڪيل پل مان خوش نه آهن ڇاڪاڻ ته پراڻي پل مان پئسا وٺي ٽرڪن ۽ هيوي ٽريفڪ کي ڇڏيندا هئا پر هاڻي ان نيئن پل جي اڏاوت سان انهن جو اهو ڌنڌو بند ٿي ويندو، اها ڳالهه هڪ ڀيرو وري خوشگوار موڊ م ڪئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ان نئين پل جي اڏاوت سان علائقي ۽ ٿر جي ريگستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي ۽ ٿر جي ڪاري سون ذريعي سموري ملڪ کي بجليءَ جي فراهمي ممڪن ٿيندي. هن چيو ته ان پل جون چار لائينون آهن. پراڻي پل جون ٻه لائينون هيون ۽ اهي به ٽريفڪ لاءِ استعمال ٿيندو. هن چيو ته مان ضلعي انتظاميا کي صلاح ڏيندس ته پراڻي پل کي لائيٽ ٽريفڪ بشمول موٽرسائيڪلن لاءِ استعمال ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياهه تي ذوالفقار آباد ۽ ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي تي وڌيڪ ٻه نوان پل اڏڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اسان اڳئي جهرڪ – ملان ڪاتيار تي هڪ پل جي اڏاوت ڪئي آهي ۽ مان جلد ان جو افتتاح ڪري رهيو آهيان. انهيءَ کان اڳ جڏهن وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پل تي لٿو ته صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، پيپلز پارٽي محمد صديق ميمڻ ۽ ٻيا سينئر اڳواڻ جهڙوڪ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، ڪمشنر حيدرآباد قاضي شاهد پرويز آجيان ڪئي. ان موقعي تي جيئي ڀٽو ۽ جيئي مراد علي شاهه جا زوردار نعرا لڳايا ويا ۽ وڏي وزير تي گل نڇارو ڪيا ويا. وڏي وزير کي توانائي کاتي واري سيڪريٽري آغا واصف منصوبي بابت بريفنگ پڻ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *