مان ساٿي فنڪارن سان جھيڙو نه ٿي چاهيان، پر جيڪڏهن ڪو مون تي تنقيد ڪندو ته ان جو کَرو جواب ڏيڻ جو حق رکان ٿي:ميرا خان

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ميرا چيو آهي ته مان ساٿي فنڪارن سان جھيڙو نه ٿي چاهيان، پر جيڪڏهن ڪو مون تي تنقيد ڪندو ته ان جو کَرو جواب ڏيڻ جو حق رکان ٿي، مان فلمن جي لاءِ ماڻهن کي منٿون ڪرڻ واري ناهيان پنهنجي عزت ۽ معيار تي ڪو سمجھوتو نه ڪنديس، خاص ڳالهه ٻولهه دوران اداڪارا ميرا چيو ته منهنجون اهي ساٿي اداڪارائون جن جون ٻيڙيون ٻڏي رهيون آهن، اهي پاڻ کي انڊسٽريءَ ۽ ميڊيا ۾ جيئرو رکڻ لاءِ مون سميت هر ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ کي فرض ٿيون سمجھن، پر مان کين واضح ٻڌائي ڇڏيان ته مان ڪنهن سان جھيڙو نه ٿي چاهيان پر جيڪڏهن ڪو بداخلاقي ڪندو ته ان جو کيس کَرو ۽ کُتو جواب ڏيڻ جو حق رکان ٿي، مون ان کان اڳ به پنهنجي عزت تي ڪو سمجھوتو ناهي ڪيو ۽ نه ئي اڳتي ڪنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *