ڪاليج ۾ ٿيل شوٽنگ بعد عمران خان شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڊگهيون ڪچهريون ڪيون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ جي ڀاڻج اداڪار عمران خان جي ڪنگنا راناوت سان گڏ ايندڙ فلم ”ڪٽي بٽي“ جي شوٽنگ دوران مختلف مصروفيتون ڏٺيون ويون، بالي ووڊ ذريعن موجب هڪ ڪاليج ۾ فلم جي شوٽنگ دوران عمران خان کي شاگردن سان ڪچهريون ڪندي ڏٺو ويو. فلم ۾ ٻئي اداڪار ڪاليجي شاگردن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پهريون ڀيرو ڪاليج ۾ ٿيل شوٽنگ بعد عمران خان شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڊگهيون ڪچهريون ڪيون، جنهن ۾ فلم ٺهڻ جو طريقه ڪار دنيائي فلمن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي. ياد رهي ته نڪهل آڏواڻي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ”ڪٽي بٽي“ 18 سيپٽمبر تي رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *