اهڙيون سيريزون تمام گھٽ ٿينديون آهن جن ۾ سڀ رانديگر پرفارمنس سٺي ڏيندا هجن:اظهر علي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر عليءَ سريلنڪن دوري کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. اهڙيون سيريزون تمام گھٽ ٿينديون آهن جن ۾ سڀ رانديگر پرفارمنس سٺي ڏيندا هجن. آخري ميچ ۾ پراڻين ميچن جھڙي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھياسين، جنهن تي تمام گھڻو افسوس آهي. لاهور ۾ ميديائي نمائندن سان ڳالهائيندي اظهر عليءَ جو چوڻ هو ته ون ڊي ۾ جڏهن واپس آيس ته مون تي تمام گھڻو پريشر هو، سريلنڪا پنهنجي هوم گرائونڊ تي تمام مضبوط ٽيم آهي، ۽ اسان تي ون ڊي ميچن دوران تمام گھڻو پريشر هو، پر رب جو شڪر آهي ته پاڪستان سيريزکٽي ورتي جنهن ۾ سموري ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي رهي، هڪ سوال جي جواب ۾ ڪپتان اظهر عليءَ جو چوڻ هو ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد کي مٿي کيڏائڻ پلان جو حصو هو، جيڪو ڪامياب رهيو، اظهر عليءَ چيو ته سڀني رانديگرن فيلڊنگ جي شعبي ۾ تمام گھڻي محنت ڪئي جنهن جو فائدو به پهتو. اظهر عليءَ چيو ته کيس اميد آهي ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به لنڪا کي 2-0 تان هارائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *