مان ايتري محبت جو حقدار ناهيان جيڪامون کي عوام طرفان ملي آهي :سلمان خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان پنهنجي ڪيس کان پوءِ پهريون ڀيرو ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڇيندي چيو ته مان ايتري محبت جو حقدار ناهيان جيڪا ان ڪيس کان پوءِ مون کي عوام طرفان ملي آهي. سلمان هڪ ڏينهن پهرين ڪشمير جي حسن کي ساراهيو هو، ان جي ٻئي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪترينا کي ڪشمير جي حوالي سان ياد ڪندي نظر آيو. ٻنهي جي دوستي ڪجهه سال هلي پر پوءِ اها ٽُٽي پئي، پر فلمي دنيا جي حلقن جو چوڻ آهي ته سلمان اڃا به ڪترينا کي وساري ناهي سگهيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ”ماشاءَ الله،  ماشاءَ الله سان ياد آيو آهي ته ڪترينا ڪيف جو تعلق به ڪشمير سان آهي.“ سندس ٽوئيٽ ۾ پهريان ٻه لفظ ان گيت جا آهن، جيڪي ڪترينا ۽ سلمان تي هڪ فلم ۾ فلمايا ويا هئا. ذريعن موجب سلمان جي ڀيڻ جي شاديءَ جي موقعي تي به سلمان ڪترينا کي چيو ته هن وٽ مسز خان بڻجڻ جو اڃا به موقعو آهي، جنهن تي ڪترينا چُپ ٿي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته هِن وقت دنيا جن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، منهنجو مسئلو ان جي اڳيان ڪجھه به ناهي. مون کي خبر ناهي ته مان ايتري محبت جو قابل هئس يا نه، پر مان ان کي قبول ٿو ڪيان. مان انهن ماڻهن جو قرضي آهيان جن منهنجو ساٿ ڏنو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *