منهنجي ذهن ۾ شاديءَ بابت ڪو به خيال ناهي: ڪنگنا رناوت

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت چيو آهي ته سماجي دٻاءَ ۾ اچي شادي نه ڪرڻ گهرجي. هڪ انٽرويو ۾ شاديءَ بابت پڇيل سوال تي اداڪارا ڪنگنا رناوت چيو ته منهنجي ذهن ۾ شاديءَ بابت ڪو به خيال ناهي، اڃا ته مان پنهنجي ڪيريئر ڏانهن ڌيان ڏئي رهي آهيان. ڪنگنا رناوت چيو ته شادي ڪرڻ هڪ ذاتي فيصلو هوندو آهي ۽ ڪنهن کي رڳو سماجي دٻاءَ ۾ اچي شادي نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شادي هڪ ضروري قدم ناهي، جيڪڏهن دل مڃي ته ٺيڪ آهي، نه ته ان جي ڪا ضرورت ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *