شاهد ڪپور جي شادي جون رسمون ڳجهي نموني شروع ٿي ويون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي وود هيرو شاهد ڪپور جيتوڻيڪ ميڊيا کي اهو ئي ٻڌائي رهيو آهي ته سندس شادي هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تائين ٿي ويندي، پر حالتون اهو ٻڌائي رهيون آهن ته اها شادي هلندڙ افواهن موجب ايندڙ مهيني جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي. ان سلسلي ۾ ميرا راجپوت جي ويجھن ذريعن کان معلوم ٿيو ته شاهد ڪپور جي مڱينديءَ جو گذريل ڏينهن برائيڊل شاور رٿيو ويو هو، جنهن ۾ ميرا جي سهلين حصو ورتو. عام روايتن جي ابتڙ ان موقعي تي ميرا ٽاپ ليس پيچ ڪلر جو گائون پاتو هو. ان تقريب جون چند تصويرون اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي ڦري رهيون آهن جيڪي ميرا جي سهلين طرفان شيئر ڪيون ويون هيون. اها خبر نه پئجي سگي ته ان برائيڊل شاور ۾ پاڻ شاهد ڪپور شامل هو يا نه. ٻنهي جي مڱڻي هلندڙ سال جنوريءَ ۾ ٿي هئي. شاهد ۽ ميرا ٻنهي ئي ان مڱڻيءَ جي به ترديد ڪئي هئي پر مختلف ذريعن ان جي تصديق ڪئي هئي. ان باوجود خبرون آهن ته جوڙي جي شادي جون ۾ ٿيندي پر شاهد لاڳيتو انڪاري آهي ۽ چئي رهيو آهي شادي ڊسمبر ۾ ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *