فارغ ڪيل جج جو فيصلو معطل ڪري نواز شريف کي آزاد ڪيو وڃي: ن ليگ جو مطالبو

اسلام آباد/لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف خلاف فيصلو ڪالعدم ٿي چڪو آهي. مسلم ليگ جي صدر شهباز شريف احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ تي رد عمل ۾ چيو ته سچائي ثابت ٿيڻ تي اسان الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته وڊيو ۽ ان سان جڙيل سموريون حقيقتون سچ ثابت ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف خلاف فيصلو ڪالعدم ٿي چڪو آهي. شهباز شريف چيو ته نواز شريف کي جيل ۾ هڪ منٽ به رکڻ هاڻي غير قانوني آهي تنهن ڪري جج کي عهدي تان هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي جڏهن ته نواز شريف خلاف دٻاءَ تحت فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته جج هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف کي جيل ۾ رکڻ جو جواز ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪندي نواز شريف کي فور طور آزاد ڪيو وڃي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جج کي فارغ ڪرڻ جو مطلب آهي ته اعليٰ عدليه حقيقتن کي قبول ڪري ورتو آهي. ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي مريم نواز چيو ته الله جو شڪر آهي پر معاملو جج کي معطل ڪرڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي معطل ڪرڻ جو آهي جيڪو هن جج ڏنو. هن چيو ته معاملو ڪنهن جج کي ڪڍڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي عدالت رڪارڊ مان ڪڍڻ آهي جيڪو جج دٻاءَ ۾ ڏنو. سندس چوڻ هو ته معاملو ڪنهن جج کي فارغ ڪرڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي فارغ ڪرڻ جو آهي. مريم نواز چيو ته جج کي فارغ ڪرڻ جو مطلب آهي ته اعليٰ عدليه حقيقتن کي قبوليو آهي، ايئن آهي ته فيصلو ڪيئن برقرار رکيو پيو وڃي جيڪو جج ڏنو، فيصلو ڏيندڙ جج کي سزا ٻڌائي وئي ته بيگناهه نواز شريف کي آزاد ڇو نه پيو ڪيو وڃي. مريم نواز چيو ته جيڪڏهن هڪ جج مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار ٿيو آهي ۽ کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي ته ان مس ڪنڊڪٽ جو نشانو ٿيندڙ کي ڪيئن سزا ڏئي سگهجي ٿي.مسلم ليگ ن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي مليل سزا ختم ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.  مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ تي هڪ بيان ۾ چيو ته ثابت ٿي ويو ته مريم نواز جيڪي حقيقتون عوام سامهون آنديون اهي درست آهن. هن چيو ته نواز شريف خلاف فيصلي جي قانوني حيثيت پاڻمرادو ختم ٿي ويو آهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڄ ثابت ٿي ويو عدالتن تي حڪومت اثرانداز ٿي رهي آهي، هي ته هڪ جج پڪڙيو ويو آهي ڪهڙي خبر هر جج بليڪ ميل ٿي رهيو هجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي برطرفي سان ثابت ٿي ويو ته عدليا تي عمران خان دٻاءُ وڌو ۽ جج کي بليڪ ميل ڪيو، ٻه ڏينهن اڳ عمران خان چيو هو ته ارشد ملڪ جي معاملي سان حڪومت جو ڪو واسطو ناهي، اهو عدليا جو ڪم آهي ۽ اهي ئي ڏسندا پر اڄ حڪومتي ترجمانن برطرف جج ارشد ملڪ جي حلفي بيان جو بچاءُ ڪيو، جنهن سان ثابت ٿيو ته حڪومت عدليا تي اثرانداز ٿي رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف جي جج ارشد ملڪ سان ڪا ملاقات نه ٿي، ڇو ته نواز شريف ته جيل ۾ هو، هو ڪيئن ٿو ملاقات ڪري سگهي؟ جج ارشد ملڪ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته هن نواز شريف سان ملاقات ڪئي، هاڻ اعليٰ عدليا جو امتحان آهي، اسان احتساب چاهيون ٿا پر اهو احتساب نه جيڪو نيب ۽ عدالت ۾ ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته راڻا ثناءُ الله تي هيروئن رکڻ جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، ٻار ٻار کي خبر آهي ته اهو ڪيس ٺاهڻ جو ڪو منطق ناهي ۽ نه ئي عقل ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو، راڻا ثناءُ الله کي 12 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو، اي اين ايف سندس هڪ ڏينهن به رمانڊ حاصل نه ڪيو، انهن کي رمانڊ وٺي جاچ ڪرڻ گهرجي ها، اهو رڳو راڻا ثناءُ الله جو آواز دٻائڻ جو ڪيس آهي ۽ اهو ڪيس عوام سامهون رکيو وڃي ته حقيقتون سامهون اچي وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *