مارچ کي نه روڪڻ جو واعدو پاڙيو، وزيراعظم جي استعيفيٰ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: حڪومت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن جي وزيراعظم جي استعيفيٰ جي گهر کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته مولانا جي مارچ ۾ جڏهن ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، جيڪڏهن ٽڪراءُ ٿيندو ته ايندڙ وزيراعظم عمران خان هوندو، اسلام آباد اندر 81 ملڪن جا سفارتخانا ۽ 7 هزار سفارتڪار موجود آهن، سفارتخانن ۽ سفارتڪارن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان کي سياست جي ميدان ۾ هڪٻئي جو مقابلو ڪرڻ ۾ ڪو به عار نه آهي، 2014 جو ڌرڻو قانون جي حڪمراني لاءِ هو، هي مارچ ڪرپشن کي تحفط/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 38

ڏيڻ لاءِ آهي، اڳ به مولانا تي حملا ٿيا، هاڻ به مولانا تي حملي جو چيو پيو وڃي، مارچ کي مڪمل سڪيورٽي ڏني ويندي، جمهوري ماڻهو آهيون ڳالهين تي يقين رکون ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اعجاز شاهه ۽ فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسلام آباد ۾ ملڪن جا سفارتخانا ۽ 7 هزار سفارتڪار موجود آهن، سفارتخانن ۽ سفارتڪارن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان کي سياست جي ميدان ۾ هڪٻئي جو مقابلو ڪرڻ ۾ ڪو به عار نه آهي، 2014 جو ڌرڻو قانون جي حڪمراني لاءِ هو، هي مارچ ڪرپشن کي تحفط ڏيڻ لاءِ آهي، اڳ به مولانا تي حملا ٿيا، هاڻ به مولانا تي حملي جو چيو پيو وڃي، هن چيو ته مولانا جي مارچ کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته 7 هزار سفارتڪارن جي ذريعي پاڪستان جو چهرو دنيا تائين پهچي ٿو، ميرٽ بم ڌماڪي کانپوءِ پاڪستان کي نان فيملي اسٽيشن قرار ڏنو ويو هو، هن چيو ته پاڪستان هن ئي سال اسلام اباد کي سفارتڪارن لاءِ فيملي اسٽيشن قرار ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن چيو ته اهي ڪو اهڙو عمل نه ڪن جنهن سان پاڪستان جي سلامتي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو وقار مجروح ٿئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اعجاز شاهه چيو ته اسلام آباد ۾ اڳ به مارچ ٿيندا رهيا آهن، اسلام آباد ۾ ٿيندڙ مارچ جي پوري لسٽ تيار ڪئي آهي، هي مارچ سڪندر مرزا جي ڏينهن کان شروع ٿيو، هن چيو ته قاضي حسين احمد جي مارچ کي نه اچڻ ڏنو ويو ۽ ان ۾ جاني نقصان ٿيو، اسلام آباد ۾ هڪ ڀيرو سپريم ڪورٽ تي چڙهائي ٿي، عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ لبيڪ اسلام آباد ۾ مارچ ۽ يلغار ڪئي، هن چيو ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ رهبر ڪميٽي جي ڳالهين ۾ هن چيو ته اسان ڊي چوڪ وڃڻو آهي، حڪومت آگاهه ڪيو ته ڊي چوڪ نه پريڊ گرائونڊ وڃو، رهبر ڪميٽي پشاور گرائوند گهريو جنهن سان حڪومت سان خير سگالي جذبي تحت اتفاق ڪيو، هن چيو ته ڊي سي اسلام آباد ۽ جي يو آءِ ۾ معاهدي تي صحيح ٿيڻ کانپوءِ هڪ 37 نقاطي ضابطي اخلاق تي به اتفاق ٿيو، گهرو وزير چيو ته حڪومت مولانا سان سندس مارچ کي نه روڪڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪو پوور ڪيو، هن چيو ته 4 ڏينهن جي مارچ ۾ مختلف صوبن مان 25 هزار ماڻهو گوجر خان پهچي چڪا آهن، حڪومت مارچ کي سهولتون فراهم ڪيون آهن، هن چيو ته مولانا جي ڪنٽينر جو روٽ ڌار رکيو آهي ته جيئن ان کي جهٽڪو لڳڻ سان ڪماني نه ٽٽي، هن چيو ته دعاگو آهيون ته مارچ ۾ شامل ماڻهو خيريت سان هتي پهچي وڃن، مارچ کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، هن چيو ته اسان ڌرڻي ۾ شامل ٿيندڙن کي سڪون ۾ رکڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مولانا تي پي ٽي آءِ حڪومت کان اڳ حملا ٿي چڪا آهن، مولانا کي خبر آهي ته اهي حملا ڪنهن ڪيا، هاڻ به مولانا تي حملي لاءِ چيو پيو وڃي، کيس مڪمل سيڪيورٽي ڏني ويندي. گهرو وزير چيو ته ڪير گهٻرايل آهي، جيڪو ڊڄي ويو اهو مري ويو، هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي صحت بابت بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ آهي، سياست ۽ احتساب هڪ پاسي آهي، جڏهن ته صحت ۽ زندگي هڪ پاسي آهي، الله سائين سڀني کي صحت ۽ زندگي ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *