پ پ ۽ جي يو آءِ (ف) تيز گام سانحي تي افسوس جو اظهار، شيخ رشيد کي هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي/ گوجر خان (اين اين آءِ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعظم عمران خان کان گهر ڪئي آهي ته تيز گام ٽرين حادثي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد کي عهدي تان هٽائي ڇڏي، ريلوي جي وزير متاثرن کي حادثي جو ذميوار قرار ڏيندي هڪ نئون داستان لکي ڇڏيو آهي جيڪو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 06

برداشت کان ٻاهر آهي، ٽوئيٽر بلاول ڀٽو وزيراعظم کي ان جي چونڊن کان پهريان ڪيل ڳالهه ياد ڏياريندي گهر ڪئي ته هو پنهنجي قول جي لڄ رکي ۽ ريلوي جي وزير کي عهدي تان هٽائي، هن گهر ڪئي ته حادثي جي تڪڙي جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي، هن چيو ته هي اهو ئي وزير آهي جنهن جي نگراني ۾ ٽرين جا سڀ کان گهڻا حادثا ٿيا آهن، بلاول ڀٽو چيو ته هو سڀاڻي رحيم يار خان وڃي رهيو آهي ۽ اتي متاثرن جي عيادت ڪندو، منهنجا خيال ۽ دعائون متاثرن ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. جميعت علماءِ ف جي سربراهه مولانا فضل رحمان رحيم يار ويجهو تيز گام ايڪسپريس ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته خراب رٿابندي حادثن جو سبب بڻجي رهي آهي، مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته تيز گام ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي ڏک ۽ ڏکائيل خاندانن سان تعزيت ڪريان ٿو، هن چيو ته هڪٻئي پويان حادثن تي سخت ڳڻتي آهي، حادثن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *