رحيم يار خان: تيزگام ايڪسپريس کي باهه، 73 مسافر سڙي فوت، سوين زخمي، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو، امدادي ڪاررواين ۾ فوج به شامل

رحيم يار خان(ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ايڪسپريس  ۾ پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي ڀرسان گيس سلنڊر ڦاٽڻ سان باهه سبب 74 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

ٿي پيا. بدقسمت  ٽرين سان حادثو صبح 6:15 منٽ تي پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي تحصيل لياقت پور ۾ چني ڳوٺ جي ڀرسان چڪ نمبر 6 جي تانوري اسٽيشن تي پيش آيا. ريسڪيو اهلڪارن موجب باهه جي شدت ڏاڍي گهڻي هئي جنهن تيزي سان بوگين کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. حادثي جي فوري بعد زخمين کي مقامي ماڻهن جي مدد سان ويجهي شيخ زيد اسپتال، بهاولپور وڪٽوريه اسپتال ۽ ملتان جي اٽالين برن يونٽ منتقل ڪيو جڏهن ته سڄي ضلعي جي ٻين اسپتالن ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ هو ته باهه ٽرين جي بوگي نمبر 3 ۾ موجود سلينڊر ڦاٽڻ سان لڳي جنهن تيزي سان وڌيڪ 3 بوگين کي پنهنجي وڪڙ هيٺ آڻي ڇڏيو. اختيارين جو اِهو به چوڻ هو ته متاثر بوگين ۾ سوار مسافر رائيونڊ اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ وڃي رهيا هئا ۽ باهه جي وڪڙ ۾ ايندڙ 2 بوگيون خاص طور تي بڪ ڪرايون ويون هيون. متاثره بوگين ۾ گهڻو ڪري مرد سوار هئا جنهن وٽ کائڻ پيئڻ جي لاءِ سلنڊر موجود هئا.  اکين ڏٺين شاهدن موجب سلنڊر ڦاٽڻ سبب ٽرين ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جو آواز ٻڌي ٻين مسافرن دهشتگردي سمجهي هلندڙ ريل مان ٽپو ڏنو. اکين موجب هلندڙ ٽرين مان ريلوي ڦاٽڪ جي ڀرسان پٿرن تي ٽپو ڏيڻ سبب گهڻا مسافر زخمي ٿيا جنهن ۾ 3 کان 4 عورتون به شامل آهن. حادثي کان پوءِ سڀ کان پهرين  مقامي ماڻهن فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته 13 ڄڻا ريل مان ٽپو ڏيڻ ۽ مختلف سببن جي ڪري جڏهن ته گڏيل طور تي  64 ڄڻا فوت ٿيا جڏهن ته 33 زخمي ٿيا. بعد ۾ هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪندي هن ٻڌايو ته متاثر ڪوچز ۾ مهراب پور، نواب شاهه ۽ حيدرآباد مان مسافرن کي سوار ڪرايو ويو. ان سان گڏ هن فوت ٿيلن جي لاءِ 15 لک رپيا ۽ زخمين جي لاءِ  5 لک رپيا معاوضي جو به اعلان ڪيو. ريلوي واري وزير چيو ته مسافرن جو سامان چيڪ ڪرڻ جي سهولت رڳو وڏين اسٽيشنن تي موجود آهي باقي ننڍين اسٽيشنن تي مسافرن جي سامان جي ڳولا لاءِ ڪو به نظام ناهي. هن چيو ته ريلوي ۾ اِها روايت موجود آهي ته تبليغي جماعت جي لاءِ امير جي نالي تي بوگي بڪ ڪئي ويندي هئي جڏهن ته هر مسافر جي تفصيل نه ورتي ويندي هئي. هن ٻڌايو ته ٽرين جي اڪانومي ڪلاس ۾ موجود 2 سلنڊر ڦاٽن سان بوگين ۾ باهه لڳي، جنهن تي تبليغي جماعت جا ماڻهو نيرن تيار ڪري رهيا هئا ان سان گڏ هنن دعويٰ ڪئي ته 2 ڪلاڪن ۾  ٽريڪ بحال ڪيو ويندو. حادثي سبب ٻين ريل گاڏين کي هنن جي ويجهي اسٽيشنز تي ئي روڪيو ويو جڏهن ته ساڳي ٽريڪ تي ايندڙ بهاو الدين زڪريا ايڪسپريس کي لياقت پور کان اڳ خان پور اسٽيشن تي روڪيو ويو. ٻئي پاسي ريلوي اختيارين موجب ٽرين ۾ سلنڊر کڻي وڃڻ جي بلڪل اجازت ناهي ۽ جاچ کان پوءِ  ان ڳالهه کي ڏٺو ويندو ته ڪنهن جي غفلت جي ڪري مسافر ٽرين ۾ سلنڊر کڻي سوار ٿيا. ان ضمن ۾ ڊويزنل ڪمرشل آفيسر جنيد اسلم خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته متاثر ٿيل 2 بوگيون اڪانومي جڏهن ته هڪ بزنس ڪوچ هئي ۽ هڪ بوگي امير حسين جڏهن ته ٻئي جماعت جي نالي تي بڪ ڪرائي وئي هئي. هن چيو ته تبليغي جماعت جي لاءِ بوگيون ڪنهن هڪ شخص جي نالي تي بڪ  ڪرائي وينديون آهن ۽ باقي تفصيل ان جي امير وٽ هوندي آهي جنهن جي ڪري سمورن مسافرن جي سڃاڻپ فراهم نٿي ڪري سگهجي البت  هن اِهو ضرور ٻڌايو ته هڪ بوگي ۾ 78 جڏهن ته ٻي بوگي ۾ 77 ڄڻن جي لاءِ بڪنگ ڪرائي وئي هئي. هن ٻڌايو ته بزنس ڪلاڪ بوگي ۾ 54 ڄڻن جي بڪنگ ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ مختلف ماڻهو سوار هئا. حادثي جي باري ۾ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ريلويز  جي چيئرمين سڪندر سلطان جو چوڻ هو ته ٽرين ۾ سلنڊر ۽ گاسليٽ کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ ان جي جاچ جو آغاز ڪيو ويو آهي ته ٽرين ۾ مسافر  سلنڊر کڻي ڪيئن سوار ٿيا. رحيم يار خان ۾ تيز گام ايڪسپريس ۾ خوفناڪ باهه تي پاڪ فوج جون امدادي ٽيمون به سول انتظاميا سان سهڪار ڪري رهيون آهن. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب واقعي واري هنڌ ريسڪيو ۽ ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ سول انتظاميا جي سهڪار جي لاءِ پاڪ فوج جا جٿا، ڊاڪٽر ۽ طبي عملي کي روانو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سخت زخمين کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ملتان کان آرمي ايوي ايشن جو هيليڪاپٽر به روانو ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *