مائنس ون بابت فيصلو پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر  (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد  خورشيد شاهه چيو ته اڄ نئون پاڪستان ٺآهڻ  جا نعرا لڳي رهيا آهن پر نئون پاڪستان ڀٽو ٺاهي ڏنو هو پر بلاول ڀٽو ان جي  ناني واري سياست کي اڳتي وڌائندو ، ملڪ ۾ گار گند وارا سياستدان نه ٿا هلي سگھن، پارٽيون تبديل ڪرڻ و ارا ڪوڙا آهن پيپلز  پارٽي ڪوڙِي سياست نه ٿي ڪري، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب هاري تباهه ، فيڪٽريون  بند  ٿي رهيون آهن ماڻهون اڄ به بيروزگاري سبب پريشان آهن، عوامي اجتماع ۾ خورشيد شاهه چيو ته ماڻهون جمهوريت جو لباس پائي وڏيون دعوائون ڪن ٿا وقت بدلجڻ تي  ماڻهون پکين وانگر اڏامي وڃن ٿا، پ پ پ عوام کي پنهنجو رت ڏئي ٿي ۽ اوهان عوام جو رت پي رهيا آهيو، هن چيو ته قرض وٺي ملڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪي پنهنجن ورڪرن ۽ ٻارن کي نه ٿا بچائي سگھن اهي قوم جي  ڇا  حفاظت ڪندا، سيد خورشيد شاهه چيو ته ماضيءَ ۾ سيڙپڪاري نه هجڻ ناڪامي آهي، حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري هاري تباهه فيڪٽريون بند  ٿي رهيون آهن پر حڪمران ارب پتي بڻجي ويا هيءِ ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن حڪمران عوام جو رت پيئن ٿا،  خورشيد شاهه چيو ته اسان ڪولڊ وار جو حصو بڻجي تباهه ٿي وياسين، 35 لک افغانين کي اسان پناهه ڏني دهشتگردي جي خلاف جنگ تي اسان جا اربين رپيا لڳي ويا، هن چيو ته گار جي سياست ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ گار گند وارا سياستدان نه ٿا هلي  سگھن، هن چيو ته مايئنس ون  پروگرام ڪافي پراڻون آهي، وزيراعظم جڏهن ڦاسي پوندو آهي ته معافيون وٺي ٻاهر هليو ويندو آهي، اپوزيشن ليڊر چيو ته پاڪستان جي خلاف سازشون ٿي رهيون آهي ، ڀارت مسلم ملڪن کي اسانجي خلاف ڀڙڪاري رهيو آهي، خورشيد شاهه چيو ته بلاول ڀٽو تمام وڏو  ليڊر ثابت ٿيندو، پ پ پ واحد جماعت آهي جيڪا 50 سال مڪمل ڪري رهي آهي ايندڙ مهيني ان جا 50 سال مڪمل ٿي ويندا، اپوزيشن ليڊر چيو ته پارٽيون مٽائيندڙ ڪوڙا آهن پي پي پي ڪوڙي سياست ناهي ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *