ترڪي جي دفاعي پيدوار جي صنعت دنيا جي بهترين صنعت آهي، جنهن جو ڪو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي: وزيراعظم

استنبول(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ترڪي جي دفاعي پيدوار جي صنعت دنيا جي بهترين صنعت آهي، جنهن جو ڪو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. آچر تي ڊي ايٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد وطن واپسي کان اڳ ترڪش جنگي جهاز هيلي ڪاپٽر ٽي ۱۲۹ ۾ آزمائشي اڏام ڪئي ۽ ان کي متاثر ڪندڙ ۽ سٺي مشين قرار ڏنو. آزمائشي اڏام کان پوءِ پاڪستاني ۽ ترڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ترڪ هوابازي جي صنعت ساراهه جوڳي آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ترڪ صدر رجب طيب اردگان جون دفاعي پيداوار جي حوالي سان ڪاميابيون به واکاڻ جوڳيون آهن. ٽي ۱۲۹ هيلي ڪاپٽر جي خريداري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي فوج ان هيلي ڪاپٽر جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ اسان ان جي معاهدي ۽ شرطن تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ وزيراعظم هيلي ڪاپٽر جو معائنو ڪيو جتي کيس ترڪ هوابازي جي کاتي جي اعليٰ عملدارن هيلي ڪاپٽر جي فني مهارتن بابت آگاهه ڪيو. ترڪ ايرو اسپيس انڊسٽرز جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر تيمل ڪوتل اي پي پي کي ٻڌايو ته ٽي ۱۲۹ هيلي ڪاپٽر هڪ گهٽ وزني ۽ ميزائلن ۽ گن سان ليس هيلي ڪاپٽر آهي. هي چوٿون ۽ موثر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ مضبوط دفاعي ناتا آهن ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ به سهڪار ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *