نوابشاهه ۾ ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ۳ نوجوان فوت

نوابشاهه(ويب ڊيسڪ) نوابشاهه دوڙ روڊ ڳوٺ پير بخش زرداري اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر جي ٽڪر لڳڻ سبب ۳ نوجوان فوت ٿي ويا، فوتين ۾ ۲۰ سالا عبدالله چانڊيو، فيصل رند ۽ عرفان رند شامل آهن. فوتي نوجوان عبدالله چانڊيو ڊي ايس پي رجب علي چانڊيو جو پٽ ۽ پ پ اڳواڻ راجا چانڊيو جو ڀائيٽيو آهي. فوتين جا لاش سندن رهائشگاهه سوسائٽي واري علائقي ۾ پهچڻ تي علائقي ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي ٽئي نوجوان ڳوٺ سوالي رند کان نوابشاهه اچي رهيا هئا ته مهراڻ هاءِ وي پير بخش زرداري وٽ حادثو پيش آيو. فوتي نوجوان عبدالله چانڊيو کي سوين آلين اکين سان نوابشاهه لڳ ڳوٺ فقير جي کوهي ۾ اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ پ پ پ ڪارڪنن ۽ چانڊيا برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻن نوجوانن فيصل رند ۽ عرفان رند کي پڻ ڳوٺ سوالي رند لڳ اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *