لٽيل پئسو واپس ڪريو، استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان: وزير اعظم جي اپوزيشن کي مشروط آڇ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ قوم جو ڦريل پيسو واپس ڪن آئون اسعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير اعظم کي وزيرن جي پارليامينٽ اجلاسن ۾ حاضري جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، ذريعن موجب وزير اعظم عمر ايوب ۽ حماد اظهر جي پارلياماني ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي جڏهن ته ٻين وزيرن جي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پارليامينٽ پنهنجي قوم جو نمائنده فورم آهي جتي هر وزير جوابده آهي، جمهوريت مضبوط ڪرڻي آهي ته پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻو پوندو. ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ مخالف ڌر جي استعيفائن جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ جو ذڪر به آڏو آيو جنهن ۾ وزير اعظم مخالف ڌر کي پنهنجي استعيفيٰ جي آڇ ڪندي چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ قوم جو ڦريل پيسو واپس ڪن آئون استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، استعيفيٰ ڏيڻ جي لاءِ همت ۽ جرئت گهرجي جيڪا هنن وٽ ناهي، جيڪڏهن انهن ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جي همت هجي ها ته هي ڀڄن نه ها، نواز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ملڪ جو ڦريل پيسو واپس ڪن. وزير اعظم چيو ته مخالف ڌر لانگ مارچ ڪيو نه ئي ماڻهن کي گڏ ڪري سگهي، سڄي زندگي ڪوڙا واعدا ڪيا ۽ هن ڀيري به قوم جي استعيفيٰ جو ڪوڙ ڳالهايو، هاڻ استعيفيٰ ڏيڻ جي بدران مخالف ڌر سينيٽ جون فضيلتون پئي بيان ڪري. عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ماضي ۾ اين آر او ڪري جده ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ڀڄي ويا انهن ۾ جرئت ناهي هوندي، جنهن جو پيسو سڄي دنيا ۾ پيل آهي انهن ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جو حوصلو ناهي هوندو، آئون سڀاڻي ئي پنهنجي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر هي ملڪ جو پيسو واپس ڪن. وزير اعظم  عمران خان وزيرن جي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول سميت گذريل رات اسلام آباد ۾ 4 جوانن کي چيڀاٽڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي تفصيل طلب ڪري ورتي. وزير اعظم وزيرن جي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول بابت چيو ته وزيرن جي سيڪيورٽي جي نالي تي سرڪاري وسيلن جو غير ضروري استعمال نٿا ڪري سگهون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *