پاڪستان ڏکڻ آفريڪا ٻي ٽيسٽ مئچ، سٽي باز گرفتار، ايف آءِ اي جي حوالي

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ پاڪستان ڏکڻ افريڪا جي ٻي ٽيسٽ مئچ دوران بلاول نالي سٽيباز کي گرفتار ڪيو ويو ڪرڪيٽ بورڊ انتظاميه کيس ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو ذريعن موجب بلاول نالي هڪ سٽي باز کي ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم مان گرفتار ڪيو ويو هو بلاول جو تعلق گڏيل عرب امارات سان آهي ۽ هو (ڊي جي ڪارڊ) استعمال ڪري پنڊي اسٽيڊيم ۾ گهڙي آيو هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميه بلاول کي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، سٽي باز پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي مئچ تي سٽيبازي ڪري رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ته نيٽ ورڪ جون ڪڙيون ڀارتي مافيا سان ملن ٿيون. تحويل هيٺ بلاول گرائونڊ مان دبئي ۾ نيٽ ورڪ کي مئچ، پچ ۽ موسم بابت فون تي سڌي ريت ڄاڻ ڏيئي رهيو هو بلاول ڏوهه مڃي ورتو آهي کيس صبح کان مانيٽر ڪيو پئي ويو ۽ لنچ کان پوءِ گرفتار ڪري ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *