امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، هٿياربند فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان ۾ مختلف ڪورسن جي گريجوئيشن تقريب ٿي، جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هو ۽ هن پاڪ آئوٽ ڪيڊٽس کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، وقت آهي ته هر پاسي امن لاءِ هٿ اڳتي وڌائجي. پاڪ فوج جي سربراهه واضح ڪيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پراڻي تڪرار ڪشمير کي حل ڪن، ان تڪرار کي ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ گهرجي، تڪرار جو حل انساني الميي کي انجام تي پهچائڻ جو سبب بڻجندو. سندس چوڻ هو ته اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، هٿياربند فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ صلاحيت رکي ٿي، ملڪ دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ ۾ فوج جي هم آهنگي مثالي آهي، هٿياربند فوج داخلي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. آرمي چيف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فضائيا جي خاص تعريف ڪندي چيو ته شاهينن آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ ۾ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو، آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ اسان جي صلاحيتن ۽ عزم جو ثبوت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *