لوڻي ڪوٽ ڀرسان برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي ويل ڀيڻ کي بچائڻ دوران 2 ڀائر به ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام

ڪوٽڙي (ڊ.ر) لوڻي ڪوٽ ڀرسان برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي ويل ڀيڻ کي بچائڻ دوران 2 ڀائر به ٻڏي فوت ٿي ويا. ٽنهي ٻارن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا. لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ راند کيڏڻ دوران 6 سالن جي نينگري سلڪو خاتون برساتي پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن کي بچائڻ لاءِ 2 ڀائر 9 ورهين جي گلشير ۽ 7 سالن جي نصير به کڏ ۾ ٽپو ڏنو. نينگري کڏ ۾ غوطا کائي ٻڌي فوت ٿي ويئي، جڏهن ته ڀيڻ کي بچائڻ جي ڪوشش دوران ٻئي ڀائر به ٻڏي فوت ٿي ويا. اطلاع تي وارث ۽ علائقي واسي پهتا، جِن ٽنهي ڀيڻ ڀائرن جا لاش ٻاهر ڪڍيا. نينگر جا لاش ڄامشورو اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *