ڀارت پاران 370 آرٽيڪل ۽ 35 اي ختم ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي : شاهه محمود قريشي

جده  (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت جو تعين ڪندڙ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، والاريل ڪشيمر ۾ وڌيڪ فورس موڪلڻ، تعليمي ادارن کي بند ڪرائڻ ۽ ايمرجنسي واري ڪيفيعت ڀارت جي ناپاڪ ارادن جو ڏس ڏئي رهي آهي، ڀارتي قدم ڏکڻ ايشيا ۾ امن امان جي خراب صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جي برابر آهن جنهن تي توهان کي ترت ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڀارت پاران والاريل ڪشيمر جي آئيني حيثيت تعين ڪندڙ آرٽيڪل 370 جي خاتمي ۽ ڪشيمر ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي اڳيان رکي جده ۾ اڱاري تي او آءِ سي ڪشمير بابت ڪانٽيڪٽ گروپ جو هنگامي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان، سعودي عرب، آئيذر بائيجان، ترڪي ۽ ٻين ميمبرن ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي شاهه محمود قريشي ڪئي، خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ ۽ ان ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍڻ تي سمورن دوستن ۽ انتظاميا جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته ڀارت پاران لوڪ سڀا جو اجلاس سڏائي 370 آرٽيڪل ۽ 35 اي ختم ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته والاريل ڪشيمر ۾ ڀارتي فوج پاران 1999 کان هن وقت تائين هڪ لک ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن، هن چيو ته 22 هزار کان وڌيڪ عورتون بيوهه ٿيون، هڪ لک 68 هزار ٻار يتيم ٿيا ۽ 12 هزار کان وڌيڪ عورتن جي لڄ لٽي وئي، هن چيو ته مان ڀارت جي قدمن کي اڳيان رکي، خطري کي سمجهندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل، جنرل سيڪريٽري او آءِ سي کي پاڪستان جي خدشن کان باخبر ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *