شوبز ۽ گهريلو زندگي ۾ بهتري لاءِ منصوبه بندي تمام ضروري آهي: ثنا

 

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني مشهور اداڪاره ثنا چيو آهي ته اسان کي اسڪرين تي ڏسي عام ماڻهن جو اهو تصور هوندو آهي ته شوبز سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڏي آساني سان زندگي گذاري رهيا آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره جو چوڻ هو ته عام ماڻهن جيان شوبز جي ماڻهن کي به زندگي ۾ وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر هو انهن جو اظهار ناهن ڪري سگهندا. هڪ انٽرويو ۾ ثنا چيو ته شادي ۽ ٻارن جي پيدائش کان پوءِ زندگي معمول کان تبديل ٿي وئي آهي ۽ ننڍي ننڍي ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو آهي. اداڪاره چيو ته شوبز ۽ پنهنجي گهر ۾ بهتري آڻڻ لاءِ خاص منصوبه بندي ڪندي آهيان جيڪا نهايت ئي ضروري آهي. ان کان سواءِ زندگي گذارڻ ممڪن ناهي.هن چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ايندا آهن جنهن کي انسان منهن ڏئي ويندو آهي پر ذاتي زندگي ۾ هر ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو آهي ۽ منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته هر مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *