لوڌران ۾ کٽڻ نوازشريف جي ووٽ جي تقدس ۽ تحريڪ جي فتح آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ)  سڌسماءِ جي مملڪتي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب چيو آهي ته  لوڌران ۾ کٽڻ نوازشريف جي ووٽ جي تقدس ۽ تحريڪ جي فتح آهي، ووٽ جي تقدس ۽ عدل جي تحريڪ کي بحالي جو نوازشريف جيڪو واعدو ڪيو آهي اهو به انشاءالله پورو ڪيو ويو ويندو. اڱاري تي احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي  هن چيو ته الله جي فضل سان 2018 جي اليڪشن جي چونڊ لوڌران مان نڪتو آهي. وفاقي وزير چيو ته لوڌران جي عوام انهن الزامن، ڪوڙ ۽ فساد جي سياست رد ڪري ورتي. هن چيو ته لوڌران جي چونڊ کٽڻ نوازشريف جي ووٽ جي تقدس تحريڪ جي فتح مملڪتي وزير چيو ته عوام ڏسي رهيو آهي ته نوازشريف جي نااهليت اهليت ۾ تبديل ٿي ويئي آهي هن چيو ته پاڪتان جو باشعور عوام ڪوڙي ۽ ڏڦيڙ واري سياست کي رد ڪندي لوڌران جي ننڍي اليڪشن ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *