عاصمه جهانگير کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي جي نماز ۾ ججن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

لاهور (اين اين آءِ) مشهور قانوندان ۽ انساني حقن جي رکوالي عاصمه جانگير کي جنازي جي نماز کان پوءِ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ جج، سياسي ۽ سماجي شخصيتون ۽ وڪيل برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحومه جو ٽيجهو اڄ اربع سندس رهائشگاهه تي ٿيندو عاصمه جهانگير جيڪا آچر جي ڏينهن دل جو دورو پوڻ سان لاڏاڻو ڪري ويئي هئي سندس ميت سردخاني مان رهائشگاهه تي آندي ويئي جنازي نماز لاءِ ميت کي سندس رهائشگاهه کان قذافي اسٽيڊيم جي لڳ کليل ميدان تي آندو ويو جتي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا جنازي نماز ۾ ايندڙن کي واڪ ٿرو گيٽ مان گذاريو ويو سي سي پي او لاهور ڪ.ئپٽن رٽائرڊ امين وينس ۽ ڊي آءِ جي آپريشن ڊاڪٽر حيدر اشرف سميت پوليس جا ٻيا اعليٰ عملدار سيڪيورٽِ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ موجود رهيا جنازي نماز حيدر فاروق مودودي پڙهائي جنهن ۾ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ مسٽر جسٽس محمد ياور علي جسٽس انوارالحق، جسٽس شهرام سرور چوڌري جسٽس شاهد بلال حسن، جسٽس صداقت علي خان، جسٽس ساجد محمود، جسٽس شاهد جميل خان، جسٽس فيصل زمان خان، سيشن جج لاهور عابد حسين قريشي، سينيٽ چيئرمين رضا رباني، اشتر اوصاف ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شڪيل الرحمان اڳوڻو وفاقي وزير پرويز رشيد اڳوڻو پنجاب جو گورنر شاهد حامد پ پ پ جا اڳواڻ اعتزازاحسن منظور احمد وٽو، فيصل مير، نجم سيٺي، سينيئر صحافي حامد مير ۽ ٻين سميت سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ وڪلين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي جي نماز کان پوءِ مرحومه کي بيديان روڊ تي سندس فارم هائوس ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو جتي مختلف شخصيتن پاران سندس قبر کي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون مرحومه جو ٽِجهو اڄ اربع 3 وڳي 121 اي هالي روڊ تي سندس رهائشگاهه تي ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *