پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول ناهن ويندا: تعليم واري وزارت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران تعليم واري وفاقي وزارت ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول ناهن ويند . تفصيل موجب قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلا ۾ تعليم واري وفاقي وزارت تعليم ۽ تربيت جي مالي سال 17-2016 جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو. آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت ۾ 540 اسڪولن جي فنڊن جي بروقت سيڙپڪاري نه ڪئي وئي. بروقت سيڙپڪاري نه ڪرڻ سان 5 ڪروڙ 70 لکن جو نقصان ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزارت بنيادي تعليم ڪميونٽي اسڪول پروگرام تي بريفنگ به ڏني. بريفنگ موجب پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول ناهن ويندا جڏهن ته مڊل اسڪول ۾ 50 سيڪڙو ٻار اسڪول ناهن ويندا. تعليم واري وزارت ٻڌايو ته هاءِ ۽ هائر سيڪنڊري ۾ رڳو 12 سيڪڙو ٻار اسڪول ويندا آهن. بنيادي اسڪول ۾ سالياني 15 ڪلاڪ تعليم آهي. ڪيمبرج ۾ 850 ڪلاڪ سالياني تعليم ڏني ويندي آهي. تعليم واري وزارت موجب بنيادي اسڪولن ۾ ٻارن تي سالياني خرچ اڍائي هزار رپيا آهي. سرڪاري اسڪول ۾ هڪ ٻار جي تعليم تي سالياني 13 هزار خرچ ٿيندا آهن،. 50 لک ٻار پرائمري اسڪول وڃڻ جي عمر جا آهن. ملڪ ۾ هڪ لک 45 هزار 829 رسمي پرائمري اسڪول آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *