لنڊن ۾ نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽر تي حملو، سخت زخمي، اسپتال منتقل

لنڊن (اين اين آءِ) لنڊن ۾ علاج هيٺ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو ذاتي ڊاڪٽر عدنان تي حملو ڪيو ويو، شريف فيملي جي ترجمان موجب لنڊن جي علائقي پارڪ لين ۾ ٻن ٻٽ ٻڌلن ڊاڪٽر عدنان تي حملو ڪيو ۽ مارڪٽ ڪري سخت زخمي ڪيو، ترجمان ٻڌايو ته ڊاڪٽر عدنان جي مٿي، منهن ۽ سيني ۾ زخم رسيا آهن جنهن کي ترت اسپتال پهچايو ويو آهي، ترجمان موجب ڊاڪٽر عدنان کي حملي کان اڳ فون تي ڌمڪي ملي هئي جنهن جا ثبوت پوليس کي ڏنا ويا آهن، ترجمان ڊاڪٽر عدنان تي ٿيندڙ حملي جي سخت مزمت ڪندي چيو ته اهڙن حملن جو جواب قانون جي دائري ۾ رهي ڏيڻ جو حق رکون ٿا، لنڊن پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عدنان تي حملي جي شڪايت ملي آهي جنهن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *