ملڪ ۾ لاوارث نظام پيو هلي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته نظام جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو دروازو کڙڪايو وڃي: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾لاوارث نظام هلي رهيو آهي. پختون قومي جرڳي کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته پاڪستان ترقي ڪندو تڏهن ئي هر ڪو ترقي ڪندو. جماعت اسلامي جي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ لاوارث نظام هلي رهيو آهي ان ڪري سمجهه ۾ نٿو اچي ته نظام جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو دروازو کڙڪايو وڃي. سراج الحق چيو ته ملڪ جي بهتري جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته افغانستان ۾ رتوڇاڻ جو خاتمو چاهيون ٿا، نيٽو فورسز جي افغانستان آمد جي ڪري پشتون قوم وسيلن جي ڪري ڏکيائين ۾ ڦاٿي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي نالي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جنگ مان سڄو خطو متاثر ٿيو آهي، آمريڪا هاڻ واپس پيو وڃي،. نقصانن جو معاوضو ڪير ادا ڪندو؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *