صحت جي عالمي اداري ڪورونا وائرس عالمي وبا بڻجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ڪورونا وائرس عالمي وبا بڻجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم گريبيس تبيهه ڪئي آهي ته وبائي مرض جو خطرو گهڻو حقيقي ٿي ويو آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان ان کي وبائي مرض به چئون ٿا، پوءِ به ان تي ضابطو ڪري سگهون ٿا، اها تاريخ ۾ پهرين وبائي بيماري هوندي، جنهن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، اسان وائرس جي رحم ڪرم تي ناهيون. سندس چوڻ هو ائين لڳي رهيو آهي ته چين ان وبا کي قابو ۾ آڻي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ هن خبردار ڪيو ته اهو مرض پنهنجو مدو پورو ڪندو. هوڏانهن بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن سميت ٽن وڏين تنظيمن ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ رقم خيرات طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *