للت مودي جي انڪشافن تي آءِپي ايل جو معاملو آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن جي حوالي

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل آءِ پي ايل جي اڳوڻي چيئرمين للت مودي پاران خط ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ٽن ٽاپ انٽرنيشنل ڪرڪيٽرز تي ڪرپشن جي الزامن جي جاچ جو معاملو اينٽي ڪرپشن يونٽ جي حوالي ڪيو ويو رانديگرن جو تعلق بين الاقوامي ڪرڪيٽ سان هئڻ جي ڪري ڀارتي بورڊ کي معاملي کان الڳ رکيو ويندو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل تصديق ڪئي ته کيس آءِ پي ايل جي اڳوني چيئرمين للت مودي جو خط مليو آهي جنهن ۾ هن 3 ٽاپ ۽ آءِ پي ايل ۾ باقاعدگي سان شريڪ ٿيندڙ ڪرڪيٽرز تي ڪرپٽ رقم وٺڻ جو الزام عائد ڪيو آهي هي خط هن جون 2013 ۾ اماڻيو هو پر آءِ سي سي پاران ان بابت خاموشي ڪيل هئي گذريل ڏينهن ڪنهن نئين ٽيوٽر اڪائونٽ تي اهو ليٽر شيئر ڪيو ويو ۽ مودي کان پڇا ڪئي ته ان جو ڇا نتيجو نڪتو جنهن تي مودي چيو ته هي اوهان کي آءِ سي سي بي سي سي آءِ آءِ پي ايل کان پڇڻ گهرجي. آءِ سي سي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان کي مودي جي ڳجي ميل ملي چڪي ۽ اسان اها جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن يونٽ کي اماڻي ڇڏي ۽ ان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *