بي بي سي جي رپورٽ کانپوءِ : واحد پارس هيسباڻي

اصل ۾ متحده جي آزمائش جو سلسلو ان ڏينهن کان شروع ٿيو هو، جنهن ڏينهن لنڊن ۾ عمران فاروق قتل ٿيو هو. ان قتل ۾ ملوث جوابدارن شايد ائين سوچيو هوندو ته هي قتل به کين ائين ئي ڦٻي ويندو، جيئن پاڪستان ۾ ڦٻندو رهيو پر اها سندن خوشفهمي ثابت ٿي. برطانيا ۾ قانون سخت هجڻ سبب هن واقعي تي ٻڙڌڪ مچي ويو ۽ اتان جا سيڪيورٽي ادارا حرڪت ۾ اچي ويا. جاچ جو سلسلو اهڙي ته منصوبابندي سان شروع ڪيو ويو جو آهستي آهستي سڀ ڪجهه ظاهر ٿيندو ويو. ان ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي 5 رڪني ٽيم اسلام آباد پهتل آهي، جيڪا پهرين مرحلي ۾ ان معظم نالي جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪندي، جنهن تي اهو الزام آهي ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل ٻن جوابدارن ڪاشف ڪامران ۽ محسن کي لنڊن موڪليو هو، جن اتي وڃي عمران فاروق کي قتل ڪيو. اهي ٽئي جوابدار گرفتار ٿيل آهن حڪومت طرفان اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم سان مڪمل طور تي سهڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس جنهن جي باري ۾ اهو مشهور آهي ته اها زمين ۾ لڪل ڏوهارين کي به هٿ ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿي، جنهن جو وڏو مثال اڳوڻو عراقي صدر صدام حسين آهي، جنهن کي زمين اندر قائم ڳجهي تهه خاني مان گرفتار ڪيو ويو هو، اها عمران فاروق قتل ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل جوابدارن کان ڇا ڇا باسرائي ٿي ۽ ڪهڙا نوان انڪشاف سامهون اچن ٿا اهو اڳتي هلي ڏسڻو آهي.

هڪ طرف متحده عمران فاروق قتل ڪيس واري آزمائش کي منهن ڏئي رهي آهي، ٻئي طرف مني لانڊرنگ وارو ڪيس الڳ آهي جيڪو پڻ برطانيا جي قانون موجب انتهائي وڏو ڏوهه آهي ان ڪيس ۾ متحده سربراهه جون ڪجهه پيشيون به ٿي چڪيون آهن ۽ هن وقت ضمانت تي آهي، جيڪا 9 جولاءِ تي ختم ٿي  رهي آهي ان کانپوءِ هي ڪيس ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿو، اهو ڏسڻو آهي، هنن ۾ ٻنهي اهم ڪيسن کانپوءِ تازو متحده جي ڳچي ۾ هڪ نئون ڪيس پيو آهي، جيڪو بي بي سي جي رپورٽ وارو آهي جنهن ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انڊيا متحده جي مالي مدد ڪندو رهيو آهي ۽ ”را“ سندس ماڻهن کي تربيت ڏيندي رهي آهي. بي بي سي جيڪو دنيا جو وڏي ساک رکندڙ نشرياتي ادارو آهي، ان هن انڪشاف سان گڏ ڪيترائي ثبوت به سامهون آندا آهن، جن ۾ متحده جي لنڊن سيڪريٽريٽ سان واسطو رکندڙ ڪجهه اهم اڳواڻن جا اعتراف به شامل آهن، جن چيو آهي ته ها انڊيا اسان جي مالي مدد ڪندو رهيو آهي، ان سلسلي ۾ متحده جي اهم اڳواڻ طارق مير جو ”را“ جي ايجنٽن کان سڌيون رقمون وٺڻ وارو اعتراف اهم آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته اهي رقمون 1994ع کان ملي رهيون آهن، پهرين ڊالر پوءِ پائونڊ ملندا هئا. هن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته اها رقم ملڻ بابت متحده جي قيادت کي مڪمل ڄاڻ هئي.

متحده قائد جي جذباتي قسم جي تقرير جنهن ۾ هن ”را“ کي مدد لاءِ چيو هو ۽ پوءِ ان جون معافيون تلافيون ورتيون هيون، ان کانپوءِ پهريان کان ئي پاڻ وٽ هن جي حوالي سان ماحول گرم ٿيل هو، تازو بي بي سي جي رپورٽ کانپوءِ ان ماحول ۾ وڌيڪ گرمي اچي وئي آهي. وفاقي گهرو وزارت نه رڳو برطانيه سرڪار کي خط لکي بي بي سي رپورٽ جا تفصيل گهريا آهن ۽ اصل حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ مدد فراهم ڪرڻ جو چيو آهي پر متحده سربراهه االطاف حسين، محمد انور ۽ طارق مير تائين سڌي پهچ جو به مطالبو ڪيو آهي. ان سان گڏ اها پيشڪيش به ڪئي آهي ته يا ته سڌي پهچ ڏيو يا ڄاڻ جي مٽاسٽا ڪريو، بدلي ۾ اوهان کي عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻين جوابدارن تائين پهچ ڏني ويندي. جيتوڻيڪ برطانيا سرڪار طرفان اڃا تائين ان خط جو جواب سامهون نه آيو آهي پر قانوني ۽ سياسي مبصر چئي رهيا آهن ته برطانيا کي هن معاملي ۾ سهڪار ڪرڻو ئي پوندو ڇو ته هي ٻئي اهم معاملا سندس ملڪ سان ئي تعلق رکن ٿا. برطانيا عمران فاروق قتل ڪيس کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ ۾ مڪمل طور تي سنجيده نظر اچي رهيو آهي.

هي ڪيس هڪڙي حوالي سان عالمي سطح تي سندس لاءِ ٽيسٽ ڪيس به آهي ۽ سندس ساک جو مسئلو به آهي. ملڪ اندر اندروني سطح تي اهڙي قسم جي واقعن کي ڪيئن ڊيل ڪيو وڃي ٿو، اهو برطانيا جو اندروني معاملو آهي ۽ باقي دنيا کي ان سان ڪا گهڻي دلچسپي به ناهي ڇو ته اهو هر ملڪ جو پنهنجو اندروني معاملو هجي ٿو پر عمران فاروق قتل ڪيس وارو معاملو ان ڪري به مختلف آهي، ڇو ته اهو نه صرف مشهور سياسي اڳواڻ هو پر سندس واسطو هڪ ٻئي ملڪ سان هو. جيتوڻيڪ برطانيا هي سموري وٺ پڪڙ عمران فاروق جي اتان جي شهري هجڻ جي حيثيت ۾ ڪري رهيو آهي پر هو ان جي ٻئي پاسي کي به ضرور نظر ۾ رکي رهيو آهي، جنهن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. هن ڪيس جو جيڪو به نتيجو سامهون اچي ٿو ان تي پوري دنيا اندر بحث مباحثا ٿيندا ڇو ته ميڊيا جي هن تيز ترين دور ۾ هي معاملو پوري دنيا جي ميڊيا جي اک ۾ آهي ان ڪري ئي اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم ڏاڍي احتياط سان پوري خبرداري سان ۽ ثبوتن جي بنياد تي اڳڀرائي ڪري رهي آهي. هاڻي جڏهن اهو واضح نظر اچي رهيو آهي ته برطانيا هن واقعي جون سموريون حقيقتون سامهون آڻڻ ۾ سنجيده آهي ته ان لاءِ کيس پاڪستان جي سهڪار جي پوري پوري ضرورت پوندي ۽ پاڪستان سهڪار جي بدلي سهڪار تي زور ڀريندو، جنهن جو اظهار گهرو وزارت طرفان لکيل خط ۾ به ڪيو ويو آهي.

ٻيو معاملو بي بي سي جي رپورٽ وارو آهي. ان رپورٽ ۾ جيڪي انڪشاف ٿيل آهن، انهن ۾ به برطانيا پاڻ کي الڳ نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته الزام انهن ماڻهن تي لڳي رهيو آهي، جن کي هن پناهه ڏئي رکي آهي ۽ جن کي هن اتي سياسي سرگرمين جي مڪمل طور تي اجازت ڏئي رکي آهي. هي صورتحال خود برطانيا لاءِ پڻ عجب جي نشاني آهي ته سندس ملڪ ۾ ايڏو ڪجهه غلط ٿيندو رهيو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو مضبوط نظام هجڻ جي دعويٰ باوجود هي ان کان اڻڄاڻ رهيو! هن سلسلي ۾ پاڻ واري وفاقي گهرو وزارت طرفان برطانوي سرڪار کي جيڪي خط لکيا ويا آهن انهن جي مثبت موٽ ڏيڻ خود برطانيا جي ساک لاءِ به بهتر هوندو. هن ايڏي اهم صورتحال ۾ جيڪا شيءِ شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي اها متحده جي خاموشي واري آهي. ماضي ۾ معمولي معمولي اشوز تي به وڏو ري ايڪشن ظاهر ڪندڙ هي جماعت هنن معاملن تي بلڪل ئي ماٺ ۾ آهي. جيتوڻيڪ هڪ اڌ پريس ڪانفرنسون ڪيون ويون آهن. هلڪا ڦلڪا ميڊيا تي بيان ڏنا پيا وڃن پر انهن ۾ اهو وزن نظر نه پيو اچي، جيڪا ڳالهه ڪيترائي سوال اٿاري رهي آهي ۽ متحده جي مخالف سياسي طاقتن کي هن مٿان تنقيد ڪرڻ جا نوان موقعا فراهم ڪري رهي آهي. اهي چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن متحده هنن الزامن کي ڪوڙو چئي رهي آهي ته ان لاءِ ڪي مضبوط دليل ڇو نه پئي ڏئي! هن سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جو روح روان عمران خان اڳيان اڳيان آهي. عمران خان جيڪو ڊگهي عرصي کان ڪراچي ۾ پنهنجو سياسي پلڙو ڀاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. هي صورتحال هن لاءِ ڄڻ ته هڪ ڀرپور موقعي تي آئي آهي، جنهن مان هي ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان ذريعي ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ بئنڪ وڌائڻ چاهي ٿو. هن صورتحال جو عمران خان کي سياسي حوالي سان ڪهڙو فائدو ملي ٿو ۽ سندس سياسي پلڙو ڪيترو ڀاري ٿئي ٿو اهو ته اڳتي هلي ڏسڻو آهي، بهرحال متحده جي آزمائش کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ائين به ناهي ته متحده تي آيل آزمائش جو هي ڪو پهريون موقعو آهي. ماضي ۾ به اهڙا موقعا ايندا رهيا آهن پر هن ڀيري معاملو مختلف آهي ان ڪري هن ڀيري هن معاملي ۾ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. متحده خلاف جيڪي الزام ۽ انڪشاف آهن اهي رڳو ملڪي سطح جا ناهن پر انهن ۾ ٻيا ملڪ به شامل آهن. برطانيا ۾ هن خلاف الڳ جاچ هلي رهي آهي ته ڀارت طرفان مالي مدد جو الزام مٿس الڳ ٿي چڪو آهي. ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري وارو معاملو الڳ آهي، جنهن جي حوالي سان سندس گرفتار ٿيل اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪيترائي اعتراف ڪري چڪا آهن، جاچ جو هڪ وسيع سلسلو آهي جيڪو شروع ٿي چڪو آهي.

متحده هن صورتحال ۾ سياسي طور تي بلڪل ئي اڪيلي ٿي چڪي آهي، سندس حمايت بس هڪڙو ماڻهو ڪري رهيو آهي، جيڪو آهي پرويز مشرف، جنهن سان ماضي ۾ هن جا تمام گهڻا نياز ۽ راز رهيا آهن پر مشرف جي پنهنجي حالت ڇا آهي ۽ سياسي حوالي سان سندس ڪيترو سياسي قدبت آهي ان کان پاڻ سڀئي واقف آهيون، ان ڪري هن جي حمايت متحده کي ڪو سياسي فائدو پهچائي سگهندي، ان جا آثار نظر نه پيا اچن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن گهڻ طرفي صورتحال جو نتيجو ڪهڙو نڪري ٿو ۽ متحده جي سياسي مستقبل جو ڇا ٿو ٿئي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *