سريلنڪا پاڪستان کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان هارائي سيريز برابر ڪري ڇڏي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا پاڪستان کي ٻي ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. ميزبان ٽيم پاڪستان ٽيم طرفان ڪاميابيءَ لاءِ ملندڙ هدف ميچ جي آخري ڏينهن 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري نه صرف ميچ کٽيو بلڪ پهرئين ميچ م شڪست جو بدلو به وٺي ڇڏيو آهي. آخري ڏينهن برسات سبب آئوٽ گرائونڊ سبب ميچ دير سان شروع ٿي ۽ ان جي ڳالهه جي اميد هئي ته ٻيهر بارش ٿيندي پر بارش کان اڳ ميزبان ٽيم 153 رنسن جو هدف 3 وڪيٽن تي نقصان تي حاصل ڪيو. پاڪستان طرفان ياسر شاهه 2 جڏهن ته ذوالفقار بابر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. سريلنڪا طرفان دهميڪا پرساد کي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. هن ميچ ۾ 7 وڪيٽن حاصل ڪيون. ويٽانگي 34 رنسون ٺاهي ذوالفقار بابر جي بال تي محمد حفيظ هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ڪمار سنگاڪارا ٻيو نمبر آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو ياسر شاهه جي بالي تي بغير ڪنهن رنس جي اظهر علي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ڪرونارتني سريلنڪا جو ٽيون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو اڌ سينچري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ياسر شاهه جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو، ان کان پوءِ ڪپتان اينجليو ميٿويز ۽ ٿريما چوٿين وڪيٽ تي ڄاڻايل هدف حاص ڪيو. اينجيلو 43 ۽ تريما 20 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *