لاکڙا ڪول فيلڊ ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر باهه، 4 مقامي پورهيت سڙي فوت

مانجهند (م.ڊ) لاکڙا ڪول فيلڊ ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر باهه ڀڙڪي پوڻ سبب 4 مقامي پورهيت فوت ٿي ويا. لاکڙا ڪول فيلڊ جي پي ايم ڊي سي ڪمپنيءَ ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا. افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿيل پورهيتن ۾ مانجهند جي ڳوٺ نهالاڻي جو رهواسي 45 ورهين جو محرم علي ولد علي لاکو نهالاڻي، 40 ورهين جو علي اصغر ولد رمضان مريداڻي، خاڻوٺ واسي الله بخش ۽ گل حسن دائيداڻو شامل آهن. جڏهن ته پورهيت منٺار مريداڻي ۽ رسول بخش تنگهياڻي سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *