مڪمل فتح تائين شدت پسندي خلاف جدوجهد جاري رهندي، دهشتگرد بندوق جو استعمال ڪري چونڊن ۾ پ پ جو رستو روڪيو : بلاول ڀٽو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته مڪمل فتح تائين شدتپسندي خلاف جدوجهد جاري رهندي، دهشتگرد بندوق جو استعمال ڪري چونڊن ۾ پ پ جو رستو روڪيو، مان انهن وحشين کي ڪيئن ڌرتي جو وفادار سمجهان جن بارود جي باهه ٻاري، اڱاري تي پختونخواهه جي شهيد اڳواڻ ظاهر شاهه جي ورسي جي موقعي تي بلاول ڀٽو پنهنجي پيغام ۾ چيو ته دهشتگردن کي قوم کي وڏا گهاءَ ڏنا آهن، هن چيو ته محترمه بينطير شهيد دهشتگردن ۽ سندن پٺ ڀرائي ڪندڙن جي مزاحمت ڪئي، شهيد محترمه دهشتگردي، شدپسندي خلاف مضبوط آواز هئي، هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول ۾ گلن جهڙن ٻارن جو رت وهايو ويو، هن چيو ته عوام پ پ جا هٿ مضبوط ڪري ته جيئن هر قسم جي شدتپسندي کي شڪست ڏئي مهذب معاشرو اڏيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *