81 سياسي پارٽين جي اثاثن جا تفصيل جاري، حڪمران پارٽي امير ترين سياسي پارٽي قرار

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن 81 سياسي پارٽين جي اثاثن جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب تحريڪ انصاف سڀ کان امير سياسي پارٽي بڻجي اڳيان اچي وئي آهي، دستاويزن موجب تحريڪ انصاف 31 ڪروڙ 66 لک رپين جي اثاثن جي مالڪ نڪتي، دستاويز موجب تحريڪ انصاف جي اثاثن ۾ هڪ سال اندر 22 ڪروڙ رپيا وڌي ويا، عمران خان جي سرٽيفڪيٽ موجب تحريڪ انصاف پابندي پيل فنڊنگ وصول نه ڪئي، دستاويز موجب تحريڪ انصاف سمنڊ پار پاڪستانين کان 6 ڪروڙ 58 لک رپين کان وڌيڪ جا فنڊ ورتا، تحريڪ انصاف هڪ ڪروڙ 26 لک آمريڪا ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کان وصول ڪيا، تحريڪ انصاف 4 ڪروڙ 92 لک رپين کان وڌيڪ فنڊ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کان ورتو، تحريڪ انصاف پارٽي جا 6 اڪائونٽ اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر ڪيا، ن ليگ جي اثاثن جي ماليت 25 ڪروڙ 33 لک 77 هزار 9 سئو 95 رپيا نڪتي، ن ليگ پارٽي ٽڪيٽون 11 ڪروڙ 97 لکن ۾ ڏنيون، هڪ سال ۾ ن ليگ جي اثاثن ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ واڌ ٿي، پ پ پارليامينٽرين وٽ 16 ڪروڙ 70 لک رپين کان وڌيڪ جو بينڪ بيلنس آهي، پ پ 9 ڪروڙ 37 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽن جي مد ۾ وصول ڪيا، تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي چندي جي مد ۾ 50 لک رپيا مليا، ق ليگ 4 ڪروڙ 99 لک رپين کان وڌيڪ رقم جي اثاثن جي مالڪ آهي، شيخ رشيد جي عوامي مسلم ليگ سڀ کان غريب سياسي پارٽين ۾ شامل آهي، عوامي مسلم ليگ رڳو هڪ لک 38 هزار رپين جي مالڪ آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي هڪ ڪروڙ 75 لک رپين جو چند مليو، جماعت اسلامي 10 ڪروڙ 63 لک رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *