لاڙڪاڻي جي صحافي بابو اقبال تي تشدد ۽ ڦُر واقعي جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن:بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،سنڌ سرڪارکي چيو آهي ته لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي صدربابو اقبال جي ڪراچي واري گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۾ ملوث جوابدارن جو جلد پتو لڳايو وڃي،ڌاڙي دوران مزاحمت تي بابو اقبال ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿيا.رپورٽن موجب 4 هٿياربندن بابو اقبال جي ڪراچي ۾ گلشن اقبال واري گهر ۾ ڪاهي پيا ۽ گهر ڀاتين کي گن پوائنٽ تي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي جنهن تي بابو اقبال ۽ سندس ڀاءُ مزاحمت ڪئي جواب ۾ جوابدارن مٿس فائرنگ ڪري زخمي ڪيو۽ فرار ٿي ويا، جاري ٿيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري واقعي جي مذمت ڪندي لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي صدربابو اقبال سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي ۽ سنڌ سرڪار کي چيو آهي ته زخمي صحافي جي بهترعلاج کي يقيني بنايو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو پتو لڳائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *