طاقتورن خلاف ڪمزورن کي درپيش حقيقي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪامي دهشتگردي جو سبب آهي: پاڪستان

نيويارڪ (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي جامع قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته طاقتورن خلاف ڪمزورن کي درپيش حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي دهشتگردي جي نتيجي جو سبب آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کڄندڙ قدمن کي جامع بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته دهشتگردي کي ڪنهن مذهب، ثقافت يا خطي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، پاڪستاني سفير 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ دهشتگرد ڪاررواين سبب عالمي امن ۽ سيڪيورٽي کي درپيش خطرن بابت بحث ۾ خيالن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ملڪ کي قومي سطح تي ملڪي، سياسي، اقتصادي ۽ مذهبي ڪارڻن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي ۽ اسان کي عالمي سطح تي ناانصافي، اڻ برابري، استحصال ۽ نفرت جهڙن سببن کي ختم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن تڪرار ئي دهشتگردي جو سبب هجن ۽ جيڪڏهن ملڪن جي اندر يا ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن سان دهشتگردن کي هٿي ملي ته پوءِ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجندڙ تڪرارن کي فوري طور حل ڪرڻ ضروري ٿي پوندو، ته جيئن دهشتگردي کي زور وٺائيندڙ ذريعو ئي ختم ٿي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *