سنڌ حڪومت صوبي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي ظاهر، ناڻي وزير کي وفاق سان رابطي جي هدايت

ڪراچي ( اي پي پي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سڄي صوبي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ تي افسوس جو اظهار ڪندي سينيئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي آهي ته سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ ڪرڻ لاءِ هو وفاق سان ڳالهائي . هن صوبائي وزير مراد علي شاهه کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو وفاق کي چئي ته هو سنڌ جي عوام تي رحم ڪري ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي .ٻئي طرفسنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ قائم فيڪٽري ۾ ڪم دوران ٽينڪ ۾ 5 مزدورن جي فوت ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي سيڪريٽري ليبر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي  هن چيو ته موڪل جي ڏينهن مزدور ڇو ڪم ڪري رهيا هئا ۽ فيڪٽري ۾ حفاظتي انتظامن ۾ ڪهڙي ڪوتاهي هئي ان حوالي سان به فوري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *