شهباز شگري ڳائڻي آئما بيگ کي ”بهترين ساٿي“ قرار ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) شهباز شگري گذريل ڏينهن ڳائڻي عائما بيگ سان هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن جي ڪيپشن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هو ڳائڻي جي محبت ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. آئما بيگ ۽ شهباز شگري کي اڪثر تقريبن ۾ گڏ ڏٺو ويو آهي جڏهن ته ٻئي اڪثر سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي جون تصويرون به شيئر ڪندا رهن ٿا. هاڻي شهباز شگري طرفان پوسٽ ڪيل تصوير جي ڪيپشن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو آئما بيگ سان محبت ڪري ٿو. شهباز شگري آئما بيگ سان پنهنجي هڪ تصوير جي ڪيپشن ۾ ڳائڻي کي بهترين ساٿي قرار ڏئي ڇڏيو. هن پوسٽ تي اداڪارائن طرفان ٻنهي جي تعريف به ڪئي وئي آهي ۽ آئما بيگ به شهباز شگري جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪيو. ان کان اڳ ڳائڻي ۽ شهباز شگري جي حوالي سان اڪثر سوشل ميڊيا صارفين طرفان چيو ويندو هو ته ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *