سيد جبران کانپوءِ زاهد احمد به صبا قمر جي فلم ۾ ڪاسٽ، خوشي جو اظهار

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي مشهور اداڪار سيد جبران اعلان ڪيو هو ته هو صبا قمر سان فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان ئي فلم سان سينما اسڪرينز تي ڊيبيو ڪندي نظر ايندو ۽ هاڻي هڪ ٻيو ٽي وي اسٽار به هن فلم جو حصو بڻجي ويو آهي. زاهد احمد پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيترائي ڪامياب ڊراما ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي هن فلم ۾ صبا قمر ۽ سيد جبران سن ڪم ڪندو. ياد رهي ته زاهد احمد ماضي ۾ صبا قمر سان هڪ ٽيلي فلم دل ديان گلان ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. نجي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هن انڪشاف ڪيو ته هو هن فلم ۾ هڪ پوليس آفيسر جي ڪردار ۾ نظر ايندو. اداڪار موجب هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ کيس پروڊيوسر، ليکڪ ۽ هدايتڪار ڏني هئي. خيال رهي ته هيل تائين هن فلم جي نالي جو اعلان ناهي ڪيو ويو جڏهن ته هن جي ڪهاڻي محسن علي لکي آهي جڏهن ته ثاقب خان هن فلم جو هدايتڪار آهي. فلم کي حسن ضيا ۽ جميل بيگ پروڊيوس ڪري رهيا اهن. زاهد احمد جو ان حوالي سان چوڻ هو ته هيل تائين هن فلم جي شوٽنگ جي شروعات ناهي ٿي هي هڪ مزاحيا فلم هوندي ۽ اميد آهي ته شوقينن سان گڏوگڏ تجزيه ڪارن کي به پسند ايندي. اداڪار پنهنجي سوشل ميديا اڪائونٽ تي به اهڙي خبر جو اعلان ڪيو. هن لکيو ته اهو سچ آهي ته مان هن فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان پرجوش آهيان ۽ سڀ کان وڌيڪ خوشي آهي ته صبا قمر سان گڏ ڪم ڪندس. هن صبا قمر جي واکاڻ ڪندي لکيو ته صبا قمر اسان جي ملڪ جي بهترين اداڪارا آهي، مان محنت سان ڪم ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *