حارث رئوف کان پوءِ لاهور قلندر جو هڪ ٻيو بالر بگ بيش جو حصو بڻجي ويو

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) بگ بيش ۾ سڊني سڪسرز جي خلاف ڪواليفائر ميچ جي لاءِ ميلبورن اسٽارز جي 13 رڪني اسڪواڊ ۾ پاڪستان جا حارث رئوف ۽ دلبر حسين شامل آهن.آسٽريلوي ليگ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ کان پوءِ بنگلاديش جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندڙ حارث رئوف واپس آسٽريليا پهچي ڇڪو آهي.ميلبورن اسٽارز حارث  رئوف جي جڳهه کي لاهور قلندر جي ئي هڪ ٻئي رانديگر دلبر حسين ڀريو. دلبر حسين ڊيبيو ميچ ۾ مهانگو ثابت ٿيو ان جي باوجود ان کي به 13 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل رکيو ويو آهي.ميلبورن اسٽارز جو ڪواليفائر ميچ جمعي تي سڊني سڪسرز سان  ٿيندو سوڀ جي صورت ۾ ٽيم 8 فيبروري تي ٿيندڙ فائنل تائين پهچ حاصل ڪري وٺندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *