قوم ڪنهن سياسي ايڊوينچرز جي سٽ نه ٿي صحيح سگهي،اڳوڻي حڪومت ۾ ادارن کي تباهه ڪيو ويو : فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءِ بابت خاص مددگار فرودس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪجهه سياسي پنڊت سينيٽ کي پنهنجي خواهش موجب هلائڻ تي ضد ڪري رهيا آهن قوم سياسي ايڊوينچرز ازم جي سٽ نه ٿي صحيح سگهي اڳوڻي حڪومت ۾ ادارن کي تباهه ڪيو ويو، حڪومت سنجراڻي سان گڏ بيٺل آهي اپوزيشن سياسي طور تي ڪجهه حاصل نه ڪري سگهندي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي فرودس عاشق اعواڻ چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت کي ڍال بڻائي ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو هن چيو ته سياسي اداڪارن ادارن کي ڪمزور ڪري انهن کي پنهنجي ماتحت ڪري ڇڏيو هن چيو ته سياست جا ٻارنهن رانديگر ٻاهر ويهي پارليامينٽ کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ چاهين ٿا پر اهي ڪامياب نه ٿيندا هن چيو ته عام سياستدانن جي سوچ ايندڙ اليڪشن تائين محدود هوندي آهي پر اصل ليڊر ايندڙ مستقبل جي نوجوانن لاءِ سوچيندو آهي هن چيو ته اصل ليڊرن کي ووٽ بينڪ بدران قوم جي مستقبل جي ڳڻتي هوندي آهي هن چيو ته ادارن کي پنهنجي ماتحت رکندڙن لاءِ سينيٽ جو آزاد ڪردار اڻٽر رهيو آهي هن چيو ته اپوزيشن سينيٽ جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي عوام سوال ڪري رهيو آهي ته صادق سنجراڻي انهن جي شان ۾ ڪهڙي گستاخي ڪئي آهي ڇا سينيٽ جي چيئرمين آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *