بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين: بلاول زرداري

سکر (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دنيا چوي ٿي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم نه ڪرڻ ڏينداسين تقريب کي خطاب ڪندي پي پي چيئرمين چيو ته غربت ختم ڪريو پروگرام سنڌ لاءِ انقلابي پروگرام آهي، پ پ جو غربت ختم ڪريو پروگرام سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويو آهي هن چيو ته عالمي بينڪ به چوي ٿي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم ٿيڻ نه ڏينداسين هن چيو ته عورتن جي دلين مان بينظير ڀٽو جو نالو ڪيئن ختم ڪندا، غربت ختم ڪريو پروگرام وڌيڪ پکڙجندو هن چيو ته هن پروگرام تحت 10 لک گهراڻن کي منظم ڪيو آهي 1 لک 80 هزار عورتن کي بنا وياج قرض ڏنا، 50 هزار گهر ٺهرايا 50 هزار عورتن کي ووڪيشنل سکيا ڏني وئي. هن چي وته اسان نئين بجيٽ ۾ پيشا رکيا آهن ته هي پروگرام گهوٽڪي ۽ ٻين يونين ڪائونسلن ۾ آندو وڃي، بلاول ڀٽو چيو ته هن پروگرام تحت غريبن کي پنهنجن پيرن تي بيهارينداسين، ذوالفقار علي ڀٽو پورهيتن کي انڊسٽرين جو مالڪ بڻائي ڇڏيو هو هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي روزگار ڏنو ۽ جڏهن هتي روزگار نه ملندو هو ته مفت پاسپورٽ ڏئي پرڏيهه وڃڻ لاءِ موقعا پيدا ڪيا هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪم ڪري رهيون آهن 2009 کان غربت ختم ڪريو پروگرام هلي رهيو آهي ۽ اڃا به هلندو بلاول چيو ته ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي هن چيو ته اسان قبائلي علائقن ۾ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عورتن کي پنهنجن پيرن تي بيهارينداسين هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو مٽائي احساس رکيو پيو وڃي هن پروگرام کي ڀلي ڇا به ٿئي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته گڏجي ڪم ڪنداسين ته صفائي جا مسئلا نه ٿيندا، گڏجي ڪم ڪنداسين ته صحت جا ۽ پيئڻ جي پاڻي جا مسئلا نه ٿيندا ۽ سنڌ جي ٻارڙن جي مستقبل محفوظ ٿي سگهندو. بلاول چيو ته جڏهن اسان گڏجي ڪم ڪنداسين ته سنڌ ۾ هڪ ٻيو انقلاب ايندو ،سنڌ جي معيشت، حڪومت کي بهتر ڪنداسين مان اوهان جو ساٿ ڏيڻ چاهيان ٿو جيستائني عوام مون سان گڏ آهي ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي ڪو به منهنجي آڏو نه ٿو بيهي سگهي پ پ چيرئمين چيو ته اسان هن نظام جو مقابلو ڪنداسين. جيڪي سمجهن ٿا ته هڪ ڪروڙ نوڪرين جو ڏٽو ڏئي اهي غريب عوام کان نوڪريون کسي تبديلي آڻي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *