شيخ رشيد ريل حادثي کي انساني غفلت جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو، فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 15 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) ريلوي وزير شيخ رشيد فوتي ماڻهن جي وارثن لاءِ 15 لک رپيا سخت زخمين لاءِ 5 لک ۽ معمولي زخمين لاءِ 2 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي خميس تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ريلوي وزير اڪبر ايڪسپريس سان پيش آيل حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته حادثو انساني غفلت جو نتيجو آهي ان ۾ ڪانٽي وارو ملوث آهي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي هن چيو ته ريلوي ۾ وڏي ڪرپشن آهي جنهن کي ختم ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو حادثي جي مڪمل جاچ ٿيڻي آهي کاتي ۾ ٻاهران ماڻهو نٿا اچن شيخ رشيد چيو ته جي ايم ريلوي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي حادثي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي رليف ۽ ريسڪيو جو ڪم ضلعي انتظاميه جي مدد سان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته حادثو جو جائزو وٺي رهيا آهيون ريلوي عملدارن کي رليف ۽ رسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي امدادي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي رليف ٽرين روانو ڪري ڇڏي آهي پي ايس ريلوي سکر مان حادثي واري هنڌ تي پهتو آهي شيخ رشيد ٻڌايو ته حيدراباد ٽرين حادثي تي 2 سيڪشن آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪيو آهي ٻن ماڻهن کي کاتي مان ڪڍيو ويو آهي هن چيو ته نئون سسٽم ۽ نوان ماڻهو آندا آهن نيون ٽرينون شروع ڪيون ويون اهن پر نئون ٽريڪ ناهي وڌو ويو ماڻهو ڇتين تي ويهي سفر ڪندا هئا نيون ٽرينون شامل ڪري ڇتين تي سفر ڪندڙن کي هاڻي اندر گاڏن ۾ ويهاري ڇڏيو اهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *