عوام جي ڏک سور وزيراعظم جي تقرير جو بنيادي جزو هو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوام جو ڏک سور ۽ احساس وزيراعظم جي تقرير جو بنيادي جز هو عمران خان جو خطاب قوم جو آواز آهي عوامي وزيراعظم قوم جي دلين جي ڳالهه ڪري عوام جون دليون کٽي ورتيون هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر فرودس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان جو خطاب قوم جو آواز آهي هن چيو ته ملڪ ۽ قوم تي مڙهيل ٻن خاندان جي استحصالي راڄ تي ڪاري ضرب لڳائي حقيقي عوامي تبديلي آڻڻ ان جو عظيم ڪارنامو آهي هن چيو ته حڪومت نهايت متوازن بجيٽ پيش ڪئي جيڪا معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جا نوان دروازا کولي ڇڏيندي هن چيو ته صحت ۽ تعليم ۾ بهتري جو منصوبو ساراهه جوڳو آهي هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ۽ وزيرن جي پگهارن ۾ گهٽتائي تاريخي فيصلا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *