سيز فائر ڀڃڪڙين ۾ واڌ، ڀارتي فوج جي غير معمولي چرپر ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سيز فائر ڀڃڪڙيون وڌي ويون آهن، سرحد تي لڳل ڪنڊيدار تار کي ڪيترن ئي هنڌن تان ڪٽيو ويو آهي، فوج جون غير معمولي چرپر نظر اچي رهي آهي، هي سموريون ڳالهيون امن امان لاءِ خطرو نظر اچي رهيون آهن، جڏهن 2 ايٽمي طاقتون آمهون سامهون هجن ته ڳالهه خطي تائين محدود نه رهندي ۽ ان جا اثر عالمي سطح تي پوندا، سومر تي شاهه محمود قريشي ڀارت پاران ٿيندڙ مسلم مخالف قانونسازي ۽ امن امان جي صورتحال تي چيو ته ڀارت ۾ هن وقت ڇڪتاڻ چوٽ تي آهي ۽ هي سڀ مودي سرڪار جي قدمن جي ڪري آهي، هن چيو ته اڄ ڪو ذڪر جوڳو نالو ڀارت جي والاريل ۽ ڄمون ڪشمير ۾ کنيل 5 آگسٽ وارن قدمن جو ساٿ نه پيو ڏئي، هن چيو ته تڪراري ترميم شهريت ايڪٽ 2019 جي خلاف نه رڳو ڀارت ۾ پر سڄي دنيا ۾ ڀارتي احتجاج ڪري رهيا آهن، ان ۾ رڳو مسلمان شامل ناهن پر اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي اهي سمجهن ٿا ته ڀارت سرڪار سيڪيولر ڀارت جي نظريي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ هندو راشٽر جي سوچ مڙهي پئي وڃي، هن احتجاج تان ڌيان هٽائڻ ڀارت جو ارادو نظر اچي رهيو آهي ته اهو لائين آف ڪنٽرول تي ڪا نه شارڪت ڪندو، هن چيو ته توهان ڏٺو ته سيز فائر ڀڃڪڙيون وڌي ويون آهن، هن چيو ته اسان جي انٽيليجنس ادارن لائين آف ڪنٽرول تي ٿيندڙ نئين ڊپلو وائمينٽ غير معمولي چرپر ۽ اسپائيڪ اينٽي ٽينڪ ميزائيل لڳائڻ کي رپورٽ ڪيو آهي، ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول جون ڀڃڪڙيون وڌي چڪيون آهن، انڊين آرمي چيف جو بيان سڀني جي اڳيان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *