قومي ٽيم جي ڪپتاني لاءِ اڃا تائين هن سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو: اظهر علي

لاهور (سپورٽس نيوز) پاڪستان جي تجربيڪار ٽيسٽ ڪرڪيٽر اظهر علي چيو آهي ته قومي ٽيم جي ڪپتاني لاءِ اڃا تائين هن سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو، پر جيڪڏهن پي سي بي فيصلو ڪيو ته ان بابت هو ضرورت سوچيندو. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مستقبل ۾ قومي ٽيم لاءِ ٽنهي فارميٽس ۾ ڌار ڌار ڪپتان مقرر ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. اظهر علي امڪاني طور ڪپتاني ڏيڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته جڏهن پي سي بي اهو فيصلو ورتو ته آئون ان بابت ضرور سوچيندس. هن چيو ته آئون جڏهن مختصر مدي جي ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو ان وقت اهو ئي چيو هو ته آئون ڊوميسٽڪ ۾ هر طرز جي ڪرڪيٽ کيڏندو رهندس. سندس چوڻ هو ته اسان وٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ گھٽ آهي، جيڪڏهن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ نه کيڏندس ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ فارم بحال رکڻ گھڻو ڏکيو ٿي ويندو. جڏهن هن کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن اوهان کي ون ڊي ٽيم ۾ ٻيهر واپسي جي دعوت ڏني وئي ته اوهان ڇا فيصلو ڪندو جنهن تي هن جواب ڏنو ته آئون اڃا نه بابت ناهي سوچو. پنهنجي ڳالهه ٻولهه جاري رکندي ڪرڪيٽر چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ منهنجي ضرورت پئي ته آئون ان بابت سنجيدگي سان سوچيندس. جڏهن سينيئر رانديگر ٽيم کي ڇڏي ويندا آهن ته ٽيم جي ڪارڪردگي تي واضح اثر پوندا آهن. هن چيو ته ٽيم جو تسلسل واپس اچي رهيو آهي، پر جيڪڏهن ٽيم آسٽريليا، انگيلنڊ ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ نه کٽيندي ته رينڪنگ بهتر نٿي ٿي سگھي ۽ اتي وڃي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *