قومي ٽيم جو فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي سيزن ڪيمپ مان ٻاهر

لاهور (سپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي سيزن ڪيمپ کان ٻاهر ٿي ويو جڏهن ته اوپننگ بيٽسمين  فخرالزمان به في الحال ان ڪيمپ ۾ شرڪت ناهي ڪري سگهيو. ياد رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي پري سيزن ڪيمپ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري هڪ پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پري سيزن ڪيمپ کان ٻاهر ٿي ويو. فاسٽ بالر ڊينگي بخار جو شڪار آهي، جنهن سبب هو ان ڪيمپ ۾ شرڪت نه ٿو ڪري سگهي. پي سي بي موجب ڊينگي بخار جي سڃاڻپ کانپوءِ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. هوڏانهن قومي ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين فخرالزمان پڻ گوڏي جي انجري جو شڪار ٿي ويو، جنهن سبب هو في الحال ڪيمپ ۾ پريڪٽس جي شروعات نه ڪري سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *