مودي جي غلطي ڪشمير جي آزادي جو تاريخي موقعو ڏئي ڇڏيو: عمران خان

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته ڪشمير مسئلو جنگ ڏانهن وڌيو ته ٻنهي ملڪن وٽ ائٽمي هٿيار آهن ۽ اها تباهي سڄي دُنيا تائين ويندي. قوم کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته اقتدار سنڀاليندي ئي ڀارت کي امن لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏني، ڇاڪاڻ ته اسان پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپن جي خواهش ڪئي. اسان ڊائلاگ جي ڳالهه ڪندا هئاسين پر ڀارت ٻيون ڳالهيون ڪندو هو. ڀارت ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 5 آگسٽ تي پيغام ڏنو ته ڀارت رڳو هندن جو ملڪ آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڀارت پلوام واقعي کانپوءِ پاڪستان تي دهشتگردي جو الزام لڳايو.
پاڪ – ڀارت جنگ پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشمير مسئلو جنگ ڏانهن ويو ته عالمي برادري ياد رکي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن وٽ ائٽمي هٿيار آهن، اها تباهي سموري دُنيا تائين ويندي. ڇا وڏا وڏا ملڪ رڳو پنهنجي مارڪيٽس ڏانهن ڏسندا، دُنيا جو ڪوبه ملڪ ساٿ ڏئي يا نه، پاڪستان آخري گهڙي تائين ڪشميرين سان گڏ هوندو. پاڪستان جي ڪشمير پاليسي جي حوالي سان فيصلائتو وقت اچي ويو آهي. ڪجهه مسلمان ملڪ مجبورين ۽ واپار جي ڪري گڏ نه آهن ته اڳتي هلي گڏ ٿي ويندا. اسان کي مايوس ٿيڻ جي ضرورت نه آهي.
ڪشمير ۾ ڀارت جي نئين رٿابندي قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشميري کي پنهنجو حصو بڻائي عالمي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اهو وقت ٻڌائيندو ته مودي تڪبر ۾ اچي تاريخي غلطي ڪئي آهي. ڀارت آخري پتو کيڏي چڪو، هاڻ وٽن کيڏڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. آئون ذميواري کڻان ٿو ته ڪشمير مسئلي تي آواز اٿاريندس، دُنيا کي ٻڌايو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ 80 هزار ماڻهن سان ظلم ٿي رهيو آهي. ڀارتي سرڪار ڪشميرين کي خاموش رکڻ لاءِ تشدد ۽ رتوڇاڻ جي نئين رٿابندي ڪئي آهي، پر پاڪ فوج مڪمل طور تيار آهي ۽ ڀارت لاءِ ڪشمير جي حوالي سان ڪوبه وڏو قدم کڻڻ ڏکيو ٿي ويندو.
وزيراعظم جا اهم اعلان وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو ته دُنيا کي پيغام ڏيڻو آهي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ڪشميرين سان گڏ آهي، هر هفتي ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرنداسين. ڏينهن جو ٻارهين وڳي کان ساڍا 12 وڳي تائين رستن تي اچي ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويندو. ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان چيو آهي قوم سان واعدو ڪيان ٿو ته جيستائين والاريل ڪشمير آزاد نٿو ٿي وڃي، هر فورم تي آواز اٿاريندس. صوابي ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي نئين بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قائداعظم هندو انتهاپسندن جي سوچ سمجهي ويو هو، جيڪڏهن پاڪستان نه ٺهي ها ته اڄ اسان سان به اهو ئي ٿئي ها جيڪو ڪشميرين سان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان خاص سبب جي ڪري ٺهيو هو، اسان کي پاڪستان ٺاهي دنيا کي ٻڌائڻو هو ته اسلام ڇا آهي، اسلام ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي حق ڏنا ويا، اسلام ۾ جيڪي غلام هئا، انهن مختلف ملڪن تي حڪومت ڪئي. سندس چوڻ هو ته آر ايس ايس جو نظريو مسلمانن کي ٻئي درجي جو شهري بڻائڻ آهي، مان پاڻ کي ڪشمير جي سفير جو ٽائٽل ڏئي ڇڏيو آهي، قوم سان واعدو ٿو ڪيان ته والاريل ڪشمير جي آزادي تائين هر فورم تي آواز اٿاريندو رهندس ۽ ڪشميرين جو ڪيس وڙهندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *