قومي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي، پابندي جو مطالبو، عدالت ۾ پٽيشن داخل، پي سي بي اختياريون رڪارڊ سميت طلب

گجرانوالا(ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ڀارت جي هٿان شڪست کان پوءِ ٽيم جي پابندي بابت عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي. گجرانوالا ۾ ايڊووڪيٽ منظور قادر ڀنڊر سينيئر سول جج راءِ افضال کرل جي عدالت ۾ داخل ڪئي. ڄاڻايل پٽيشن ۾ چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ سمورن رانديگرن کي ڌر بڻايو ويو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي جي ڪري قوم جي دل آزاري ٿي ۽ ملڪ جو وقار به مجروح ٿيو. ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جتي عوام بنيادي سهولتن محروم هجي اُتي ڪرڪيٽ تي ڪروڙين رپيا خرچ نٿا ڪري سگهجن. درخواستگذار عدالت کان اپيل ڪئي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جون ٻيون ميچون رد ڪري انهن کي فوري واپس گهرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي جڏهن ته سليڪشن ڪميٽي کي ٽوڙي ڪرڪيٽ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي. سينيئر سول جج راءِ افضال کرل پٽيشن ٻڌڻي جي لاءِ سول جج ابرار علي جي حوالي ڪري ڇڏي جن پي سي بي اختيارين کي 20 جون تي ريڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *